اپوزيشن معاهدي تي قائم ٿي رهي ته حڪومت به پاسداري ڪندي: عمران خان

اسلام آباد (م.ڊ/اين اين آءِ) اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان آزادي مارچ بابت اپوزيشن سان ٿيندڙ رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اپوزيشن معاهدي تي قائم ٿي رهي ته حڪومت به پاسداري ڪندي. وزيراعظم عمران خان سان حڪومتي ڳالهين واري ٽيم ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ پارلياماني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٽيم وزيراعظم عمران خان کي اپوزيشن سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اپوزيشن معاهدي تي قائم رهي ٿي ته حڪومت به پاسداري ڪندي، احتجاج ۾ اسلام آباد جي رهواسين کي ڪنهن به قسم جون ڏکيائيون پيش نه اچڻ گهرجن. ملاقات دوران قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر وزيراعظم عمران خان کي ڪشمير مسئلي تي پارلياماني سفارتڪاري بابت آگاهه ڪيو ۽ پارليامينٽ ۾ قانون سازي ۽ ايون جي اثرائتي ڪردار تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن سياسي صورتحال ۽ مخالف ڌر سان رابطن تي وزيراعظم کي آگاهه ڪندي چيو ته اپوزيشن کي پيغام ڏنو آهي ته امن امان جي صورتحال تي ٺاهه نه ٿيندو، ڪنهن به قسم جو سياسي انتشار نه پکيڙيو وڃي، اپوزيشن ميمبرن سان مسلسل رابطي ۾ آهيون ۽ معاملن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪيون. هوڏانهن حڪومتي ۽ پارٽي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم موجوده ميڊيا حڪمت عملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. عمران خان چيو ته ذاتي ايجنڊي بدران حڪومتي پاليسي جو بچاءُ ڪيو وڃي، حڪومتي قدمن ۽ پاليسي کي اثرائتي انداز  ۾ اجاڳر ڪيو وڃي، ذاتي ايجنڊي سان حڪومت جو غلط تاثر ويندو آهي، تنهن ڪري نواز شريف جي بيماري کي موضوع نه بڻايو وڃي.

ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍن آبادگارن کي هر سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي حڪومت جي زرعي پاليسي هارين آبادگارن ۽ خاص طور تي ننڍن آبادگارن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ حڪومت جي ان عزم جو مظهر آهي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ زرعي پيداوار خاص ڪري ننڍن آبادگارن جي سهولت جي حوالي سان قدمن تي جائزي وارو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير فوڊ سيڪيورٽي صاحبزاده محبوب سلطان، توانائي جو وزير عمر ايوب خان، واپار جو صلاحڪار، عبدالرزاق دائود خاص مددگار نديم بابر، ڊآڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، يوسف بيگ مرزا قومي اسيمبلي ميمبر اسد عمر ۽ سينيئر آفيسر شريڪ ٿيا ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ننڍن آباگارن کي وڌ ۾ وڌ سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي حڪومت جي زرعي پاليسي آبادگارن ۽ خاص طور تي ننڍن هارين کي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ حڪومت جي ان عزم جو مظهر آهي وزيراعظم چيو ته ننڍن هارين کي سهولت ڏيڻ سان نه صرف مقامي زرعي پيداوار وڌندي پر ان سان غربت گهٽ ۽ معاشي حالتون بهتر ٿينديون وزيراعظم هدايت ڪئي ته صوبن وچ ۾ رابطا وڌيڪ وڌايا وڃن ته جيئن زرعي شعبي ۾ حدف حاصل ڪري سگهجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *