اسلام آباد پهچڻ تي عوام جي راءِ جو احترام نه ڪيو ويو ته تحريڪ وڌيڪ سخت ڪنداسين: فضل الرحمان

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسلام آباد پهچڻ تي عوام جي راءِ جو احترام نه ڪيو ويو ته تحريڪ وڌيڪ سخت ڪنداسين. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن اسان ان لاءِ ڌرڻي جو لفظ استعمال ناهي ڪيو، ڇو ته هيءَ هڪ عوامي تحريڪ آهي ۽ نتيجا نه مليا ته ان جو مطلب اهو ناهي تحريڪ بيهجي وئي، ڪراچي کان لاهور ۽ اسلام آباد تائين عوام طئي ڪري ڇڏيو آهي ته هن حڪومت جي وڌيڪ گنجائش ناهي. هن چيو ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، ڪراچي کان اسلام آباد تائين قوم هڪ آهي ته عمران خان استعيفيٰ ڏئي ۽ ڀوائتي انجام کان بچي، هن حڪومت ڪشمير کپايو، ڪشمير کپائيندڙ ملڪ ۾ حڪومت نٿا ڪري سگهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت جي احتساب جي ڊرامن جي پچاڻي جو وقت اچي ويو آهي، اڄ مزدور، هاري ۽ غريب روزگار لاءِ پريشان آهي، نوجوان پنهنجو مستقبل اونداهو ڏسي رهيو آهي، مذهبي طبقو ان لاءِ فڪرمند آهي ته هن ملڪ ۾ معيشت توڙي ختم نبوت به غير محفوظ آهي، سڀني جماعتن آزادي مارچ ۾ شرڪت ڪري قومي يڪجهتي جو ثبوت ڏنو آهي، جنهن لاءِ ن ليگ، پ پ ۽ ٻين سڀني پارٽين جو ٿورائتو آهيان. هوڏانهن اسلام آباد روانگي کان اڳ مينار پاڪستان آزادي چوڪ تي تقرير ڪندي جي يو آءِ سربراهه چيو ته گذريل 9 مهينن ۾ اسان 15 ملين مارچ ڪيا، جيڪي پرامن هئا، اسان جا ڪارڪن مڪل ۾ امن کي ترجيح ڏيندا آهن، هي قافلو ڪوئيٽا ۽ ڪراچي کان نڪتو هو، رستي ۾ ڪنهن شهري کي رهنڊ به نه آئي. هن چيو ته آزادي مارچ جي پاڪستان جي هر شهري جي حمايت حاصل آهي، اسان جو مطالبو هاڻ به اهو ئي آهي ته 25 جولاءِ وارين چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ٿي، نتيجا قبول ناهن، اسان پهرين ڏينهن کان حڪومت کي تسليم ناهي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *