سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان، صدر جو آرڊيننس ۽ ريفرنس ٻئي آئين جي خلاف آهن: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (اين اين آءِ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي خوش آئيند قرار ڏئي ڇڏيو پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سليڪٽڊ صدر جعلي وزيراعظم جي چوڻ تي ريفرنسز موڪلي سپريم ڪورٽ کي آئين کان مٿانهين دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته صدر جو آرڊيننس ۽ ريفرنس ٻئي آئين جي خلاف آهن، اوپن بيلٽ آرڊيننس عدليه ۽ قوم جو وقت وڃايو آهي. هن چيو ته اڃا تائين ته محسوس ٿي رهيو هو ته حڪومت جي سيني ۾ دل نه اهي هاڻي محسوس ٿي رهيو آهي ته ان جي اکين ۾ شرم ۽ حياء به نه آهي هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي اڄوڪي فيصلي کان پوءِ صدر کي استيعفا ڏيڻ گهرجي صدر پاڻ استيعفا ڏيئي وڃي نه ته صدر جي خلاف مواخذي جي رٿ به اچي سگهجي ٿي هن چيو ته موجوده حڪمران ايترا بي وس آهن جو پنهنجي مرضي سان پنهنجي استيعفا جو کين اختيار نه آهي جسٽس فائز عيسيٰ ريفرنس سپريم ڪورٽ جي معزز ججز کي پاڻ ۾ ويهائڻ جي ڪوشش ڪئي هن چيو ته اوپن بيلٽ ريفرنس سان عدليه ۽ سياستدانن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي صدر جي آرڊيننس ۽ ريفرنسز آئين جي ڀڃڪڙي آهي اهڙي نااهل شخص کي صدارتي عهدي تي ويهڻ جو ڪوئي جواز نه اهي هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ هاڻي معاملو اليڪشن ڪميشن جي ڪورٽ ۾ آهي اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن حقيقي معنيٰ ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ته هو هڪ بااختيار ادارو آهي سپريم ڪورٽ جي موجوده فيصلي اليڪشن ڪميشن جي پوزيشن کي بهتر ڪيو آهي هن چيو ته 2018 جي جعلي چونڊن جو چٽو هن فيصلي سان صاف نه ٿي سگهندو اليڪشن ڪميشن جو ٽيسٽ ڪيس پي ٽي آءِ جو فارن فنڊنگ ڪيس آهي سپريم ڪورٽ جو موجوده فيصلو خوش آئيند آهي جنهن اليڪشن ڪميشن جي خودمختياري تي زور ڏنو آهي هن چيو ته سپريم ڪورٽ سمورن رياستي ادارن کي اليڪشن ڪميشن سان تعاون جو چيو ويو آهي سپريم ڪورٽ ڊسڪه اليڪشن ۾ اليڪشن ڪميشن جا حڪم نه مڃيندڙ سرڪاري آفيسرن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي سوموٽو نوٽيس وٺي سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ ايندڙ چونڊن جي شفافيت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *