سينيٽ چونڊون: يوسف رضا گيلاني وزيراعظم عمران خان کان به مدد گهري ورتي

اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ چونڊن ۾ پي ڊي ايم جي گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني وزيراعظم عمران خان کي خط لکي ڇڏيو. يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي ميمبرن کي لکيل خط وزيراعظم کي به موڪليو آهي، جنهن ۾ هن کانئس سينيٽ چونڊن ۾ حمايت گهري ورتي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي اميد ته 3 مارچ تي منهنجي ڪردار ۽ سياست کي ڏسندي فيصلو ڪيو ويندو، اڄ جيڪو فيصلو ڪنداسين، اهو مستقبل ۾ رُخ طئي ڪندو. پ پ سان واسطو رکندڙ اڳوڻي وزيراعظم موجب سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو آهي. واضح رهي ته يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي ميمبرن کي پڻ سينيٽ چونڊن ۾ حمايت لاءِ خط لکيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *