ڪرونا وبا متاثر وڌيڪ 36 مريض فوت ٿي ويا، هڪ هزار 392 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 36 ڄڻا فوت ٿي ويا، هڪ هزار 392 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 38 هزار 338 ڪووڊ-19 ٽيسٽ ڪيا ويا اهڙي طرح هن وقت تائين هن وائرس جي تشخيص لاءِ ڪيل تيسٽن جو انگ 89 لک 90 هزار 176 ٿي ويو آهي اين سي او سي مطابق ملڪ مان ڪرونا جا وڌيڪ هڪ هزار 392 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن اهڙي طرح ڪرونا متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 5 لک 81 هزار 365 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ 2 لک 58 هزار 266، پنجاب ۾ هڪ لک 72 هزار 54، خيبرپختونخواهه ۾ 72 هزار 424، بلوچستان ۾ 19 هزار 49، اسلام آباد ۾ 44 هزار 373 آزاد ڪشمير ۾ 10 هزار 243 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 956 ماڻهو ڪرونا وگهي متاثر آهن گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا جا هڪ هزار 94 مريض هن وبا کي مات ڏيئي چڪا آهن جنهن کان پوءِ هاڻي هن وبا مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 46 هزار 371 ٿي ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *