سنڌ کي ان جو حق نه ملندو ته خاموش نه ويهنداسين: خورشيد شاهه

سکر(بيورو) مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان پاڪستان کي خوشحال ڏسڻ چاهيون ٿا، اهو سياست ڇا ڪندو جيڪو جيل ۽ پوليس جي لاٺي چارج کان ڊڄندو هجي، جلسي کي خطاب ڪندي سيد خورشيد شاهه چيو ته شادي جي پروگرامن ۾ وزيرن ۽ ٻين اڳواڻن کي دعوت ناهي ڏني ويندي، سنڌ کي پاڻي ڏنو وڃي، بجلي ڏني وڃي ۽ ان جو حق ڏنو وڃي، 2014 ۾ لوهي جي ديوار بڻجي اسان جمهوريت کي بچايو، هڪ ليڊر ورڪر لٺيون کائي رهيا هئا ۽ اهو گهر ۾ لڪيو ويٺو هو، اسان جي سياست گار گند واري ناهي، هن چيو ته هاڻي ماڻهو پاناما جي پاڇي ۾ جي رهيا آهن، جيڪڏهن سنڌ کي ان جو حق نه ملندو ته اسان خاموش نه ويهنداسين.  حڪمران صوبائي مسئلن کي اهميت نه ٿا ڏين ۽ وفاق جي ناقص پاليسين جي ڪري صوبن وچ ۾ نفرتون جنم وٺي رهيون آهن، خورشيد شاهه چيو ته پيپل زپارتيءَ سدائين وفاق جي مضبوطيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي پر اسان جي ڳالهه ڪير به ٻڌڻ جي لاءِ تيار نه آهي، سنڌ ۽ بلوچستان کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، ڏکڻ پنجاب جو حال ته سنڌ کان به خراب آهي، پاڻيءَ جي لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام دانهون ۽ رڙيون ڪري رهيو آهي، اسان پارليامينٽ ۾ آواز اٿاريو ته حڪومت طرفان 5 هزار ڪيوبڪ فٽ پاڻي وڌايو ويو، سنڌ کي في الحال پورو پاڻي ڏنو وڃي جيئن بلوچستان کي به پاڻي ڏئي سگھون، خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ڪجھه ماڻهو نااهليءَ جي ڪري اهڙا قدم کڻندا آهن جنهن سان ملڪ کي ڪو نه ڪو نقصان پهچندو آهي، حڪمران معاملن کي اهميت نه ٿا ڏين، وفاق جي ڳالهه ڪندڙن کي ڀِت سان ڇو لڳايو ويندو آهي اهڙن قدمن سان نفرتون جنم وٺنديون آهن ۽ ملڪ کي سخت نقصان پهچي سگھي ٿو.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *