شهيد ڀٽو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏني وئي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جي تاريخ ۾ درستگيءَ لاءِ ڀٽو قتل ڪيس جي ريفرنس تي جلد ٻڌڻيءَ ڪرڻ جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو مطالبو آچر ڏينهن پيپلز پارٽي لاڙڪاڻو سٽي جي اڳوڻي صدر آفتاب ڀٽو پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل ۽ نشاني تي جمهوريت جي علمبردار پاڪستان پيپلز پارٽي ڇو؟ جي عنوان هيٺ ڪرايل سيمينار ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏني وئي ۽ فيصلو ڏيندڙ ان وقت جي جج پاران ڪيل اعتراف کان پوءِ هاڻي ثابت ٿي چڪو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قتل عدالتي قتل هو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل اڄ به انصاف جو منتظر آهي ۽ اسين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ٿا ڪيون ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل بابت داخل ريفرنس تي جلد ٻڌڻي ڪري تاريخ ۾ درستگي ڪئي وڃي ۽ پيپلز پارٽيءَ سان انصاف ڪيو وڃي.. قانون سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي. پ پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي چيو ته شهيد ڀٽو کي عوام سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڦاسي چاڙهيو ويو ۽ آمرن اهو سوچيو ته شهيد ڀٽو کي ڦاسي ڏئي پيپلز پارٽيءَ کي ختم ڪيو ويندو پر پيپلز پارٽي موجود آهي ۽ رهندي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي آئين ڏنو ۽ ايٽمي قوت بڻايو پر عوام کي شعور ڏيڻ جي ڏوهه ۾ سندس عدالتي قتل ڪيو ويو . هن چيو ته تاريخ ۾ جڏهن کان پيپلز پارٽي وجود ۾ آئي آهي تڏهن کان پيپلز پارٽيءَ کي نشانو بڻائڻ جو عمل اڄ ڏينهن تائين جاري آهي پر حسينيت وانگر ڀٽو ازم هميشه لاءِ عوام جي دلين ۾ موجود رهندو. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد سردار شاه چيو ته سياست جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏيون قربانيون ڀٽوز جون آهن. هن چيو ته اڄ عدالتون شايد صرف پيپلز پارٽيءَ لاءِ آهن ، ماضيءَ ۾ آصف علي زرداريءَ کي الزامن تحت 11 سال قيد ۾ رکيو ويو ان جو به اسان کي حساب ڏنو وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ کي نشانو ٺاهڻ بند ڪيو وڃي، هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس جي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪري پيپلز پارٽيءَ سان انصاف ڪيو وڃي. ان موقعي تي سينيٽر سسئي پليجو خطاب ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل منظم فيصلي تحت ڪيو ويو جنهن ڪيس جي فيصلي ۾ انصاف چاهيون ٿا. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي شعور ڏنو ان کي ڦاسيءَ چاڙهي سمجهو ويو ته پيپلز پارٽي ختم ٿي ويندي پر پيپلز پارٽي اڃان به وڌيڪ جذبي سان آمرن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ ميدان ۾ آهي. ايم پي اي خورشيد احمد جوڻيجو چيو ته شهيد ڀٽو کي ايٽمي پروگرام تان هٿ کڻڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن کان ڌمڪيون پڻ مليون هيون پر هو اٽل رهيو ۽ ملڪ کي ايٽمي قوت بڻائي ڏيکاريو ۽ هن ملڪ ئي آئين ڏئي پاڪستان جو نالو دنيا ۾ روشن ڪرايو. ايم پي اي روبينا قائمخاني ۽ ايم پي اي خيرالنساءِ مغل چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي عوام ۾ پذيرائي هجڻ سبب اڄ به ملڪ رخن کان نشاني تي رکيو پيو وڃي. تقريب کي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر عبدالفتاح ڀٽو پڻ خطاب ڪيو. سيمينار ۾ ٺهراءُ پاس ڪري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ويو ته تاريخ ۾ درستگي لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل بابت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران موڪليل ريفرنس جي جلد ٻڌڻي ڪئي وڃي. جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪندي پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيوويو،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *