عمران خان جو مقصد ملڪ ۾ انتشار ۽ فساد ڦهلائڻ آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جو ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم پنهنجي اولاد جو جواب ڏئي رهيو آهي، عمران خان کان جواب گهرون ٿا ته گاريون ڏئي رهيو آهي، خان صاحب اهو وقت پري نه آهي جڏهن توهان کي به پنهنجي اولاد وانگر ملڪ ڇڏڻو پوندو، عمران خان ڪوڙ ڳالهائڻ تي ملڪ ۾ فساد وجهڻ ۽ ڪي پي ڪي جي عوام کي ڌوڪو ڏيڻ تي الله کان معافي گهرو ۽ 2018 جي تياري ڪريو، هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان توهان جيترا به ڪوڙا الزام لڳايو ۽ ڪيترو به رڙيون ڪريو، 2018 ۾ عوام کي جواب ڏيڻو پوندو، هن چيو ته عمران خان ملڪ جي قوم جو سڀ کان وڏو مسئلو توهان آهيو، عمران خان توهان جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڪستان جي ترقي آهي ۽ توهان هر اداري تي الزام لڳائڻ جو ٺيڪو کنيو آهي، ڪي پي ڪي ڏيڍ سال کان احتساب ڪميشن کي تالو لڳل آهي، هن چيو ته عمران خان توهان کان ته ڪجهه به نه ٿيو، اڃا به وقت پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ وزيراعظم نواز شريف جو ساٿ ڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *