سنڌ جي وڏي وزير جو آءِ جي سنڌ کي فون، اسٽريٽ ڪرائم جي ڪارروائين تي ڳڻتي جو اظهار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه آءِ جي سنڌ غلام حيدر جماليءَ سان فون تي رابطو ڪري شهر ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائمز ۽ بينڪ ڦر جي وارداتن تي تشويش جو اظهار ڪندي چيو ته ان معاملي کي سنجيدگيءَ سان وٺندي ان کي سنگين ڏوهن وانگر ورتو وڃي ۽ انهن تي ضابطو آندو وڃي. هن چيو ته شهرين ڪراچي شهر ۾ امن جي بحاليءَ بعد سڪون جو ساهه کنيو هو انهن کي هاڻ ٻيهر مايوس ڪيو پيو وڃي. هن آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته سمورا ايس ايس پيز پنهنجن لاڳاپيل علائقن جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ جا ذميوار آهن، هنن کي گهرجي ته علائقن ۾ پيٽرولنگ ۾ واڌ آڻن ۽ ڏوهارين جي سرگرمين تي سخت نظر رکي وڃي. هن چيو ته بينڪ ڦر جي وارداتن ۾ به اضافو ٿيو آهي ۽ اهو پڻ سنگين نوعيت وارو معاملو آهي ۽ ان کي به فوري طور تي حل ڪيو وڃي ۽ ضابطو آندو وڃي. هن چيو ته ايس ايڇ اوز ۽ ٻيا لاڳاپيل پوليس اهلڪار شهر ۾ چوڪس رهن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به علائقي ۾ اسٽريٽ ڪرائمز ٿيا يا بينڪ ڦر ٿي ته لاڳاپيل آفيسر ان جا ذميوار هوندا. هن  آءِ جي سنڌ تي زور ڀريو ته لاڳاپيل پوليس ٿاڻن کي هدايت ڪئي وڃي ته اسٽريٽ ڪرائم ۽ بينڪ وارداتن وارن ڪيسن تي ڪم ڪن ۽ هن کي هر پندرهن ڏهاڙن کانپوءِ رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *