اپوزيشن جي ريڪوزيشن تي اجلاس گهرايو ويو، پر سندن غير موجودگي ۾ بحث سهيڙيا پيا وڃن: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه پي آءِ اي ۽ تيل اگهن وارن معاملن تي بحث سندن غير موجودگي ۾ سهيڙڻ تي احتجاج ڪندي چيو آهي ته حڪومت ٻڌي ڇڏي ته اجلاس ائين ناهن هلندا، اپوزيشن ايوانن کان ٻاهر احتجاج ڪيو ته حڪومت کي پتو پئجي ويندو. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته اپوزيشن جي ريڪوزيشن تي اجلاس گهرايو ويو آهي، پر سندن غير موجودگي ۾ بحث سهيڙيا پيا وڃن. هن چيو ته هو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شريڪ هو، ان ڪري گذريل ڏينهن ايوان ۾ نه اچي سگهيو، پر حڪومت غير موجودگي ۾ ئي پي آءِ اي ۽ تيل اگهن واران معاملن تي بحث سهيڙيو. خورشيد شاهه چيو ته حڪومت ٻڌي ڇڏي ته اجلاس ائين ناهن هلندا، مخالف ڌر جي موجودگي ۾ ئي اهم معاملن تي بحث کي مڪمل ڪيو وڃي ته کين اعتراض نه هوندو. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن ايوانن کان ٻاهر احتجاج ڪيو ته حڪومت کي پتو پئجي ويندو ته مخالف ڌر جي ڪيتري اهميت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *