سنڌ جي وڏي وزير (اين آءِ سي وي ڊي) جا 600 ملين رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نئين بورڊ آف گورننگ باڊي جوڙڻ لاءِ سمري طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيزز (اين آءِ سي وي ڊي) جي گذريل مالي سال وارا 600 ملين رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني تھ جيئن اھي پنھنجي پيڊرياٽرڪ وارڊن کي شروع ڪري سگھن. ھن اھو فيصلو اڄ خميس ڏينھن اين آءِ سي وي ڊي جي التويٰ ھيٺ سمورن مسئلن جي حل بابت گھرايل اجلاس جي وزيراعليٰ ھائوس ۾ صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوھو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري صحت سعيد اعواڻ، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اين آءِ سي وي ڊي ڊاڪٽر نديم قمر ۽ ناڻي کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اين آءِ سي وي ڊي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر وڏي وزير کي ٻڌايو تھ اين آءِ سي وي ڊي ڪراچيءَ 2015ع ۾ 640212 مريضن جو اعلاج ڪيو، 2016ع ۾ 729468 مريضن جو اعلاج ڪيو ۽ 2019ع ۾ 123633 مريضن جو اضافو ٿيو. ھن چيو تھ ھاڻي اين آءِ سي وي ڊيءَ جا 8 چيسٽ پين سينٽر ۽ 10 سيٽيلائيٽس قائم ڪيا ويا آھن، بشمول اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي جتي جون 2019ع تائين 1111145 مريضن جو اعلاج ڪيو ويو. ھن چيو تھ پاڪستان ۾ ھر سال 40 ھزار ٻار دل جي مرض سان پيدا ٿيندا آھن ۽ اين آءِ سي وي ڊي ۾ ھر سال 60 ھزار مريضن کي علاج فراھم ڪرڻ جي گنجائش آھي، ان تي وڏي وزير چيو تھ ان جو مطلب اين آءِ سي وي ڊي سڄي پاڪستان کي علاج جون سھولتون فراھم ڪري سگھي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ پاڙيسري ڏيھھ افغانستان جي مريضن کي پڻ علاج جون سھولتون فراھم ڪري سگھي ٿو. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ صحت واري سيڪريٽري کي ھدايت ڪئي تھ ھُو اين آءِ سي وي ڊي لاءِ نئين بورڊ آف گورننگ باڊي جوڙڻ لاءِ ھڪ سمري اماڻي وڃي. ھن اين آءِ سي وي ڊي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر کي پڻ ھدايت ڪئي تھ اھي ھر ھڪ ڊويزنل ھيڊ ڪوارٽر (ڊي ايڇ ڪيو) ۾ ڪارڊيڪ يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ سھڪار ڪيو وڃي. ھن چيو تھ مان ھاڻي اين آءِ سي وي ڊيءَ جا وڌيڪ سيٽيلائيٽس قائم ڪرڻ نٿو چاھيان انڪري ھر ھڪ ڊويزنل ھيڊ ڪوارٽر ۾ ھڪ موئثر ۽ سمورن اوزان سان آراستا ڪارڊيڪ يونٽ ھئڻ گھرجي. وڏي وزير اھو پڻ چيو تھ اين آءِ سي وي ڊيءَ جي درخواست تي نوابشاھھ، مٺي، خيرپور ۽ لياريءَ لاءِ 3 بلين رپين جي اضافي گرانٽ پڻ فراھم ڪئي ويندي. وڏي وزير اين آءِ سي وي ڊي ايگزيڪيوٽِو ڊائريڪٽر کي ھدايت ڪئي تھ ھُو سندن اڪائونٽ جو آڊٽ ڪرائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *