ڊو مور جو ذڪر ڪٿي نه ڪيو ويو، پاڪ آمريڪا لاڳاپا نئين سر قائم ٿي چڪا آهن: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا معمول تي اچي ويا آهن ماڻهو ڊومور کي ذهن مان ڪڍي ڇڏين لاڳاپن ۾ ڪجهه انهن جا مفاد آهن ڪجهه اسان جا ۽ اسان پنهنجا مفاد سامهون رکي اڳتي وڌنداسين افغان امن عمل ۾ پاڪستان جو ڪردار سهولت ڏيڻ جو آهي پاڪستان اسامه بن لادن جي حوالي سان شروعاتي ڄاڻ آمريڪا کي ڏني هئي ڀارت پاڻ به ڪشمير کي هڪ تڪراري تسليم ڪري ٿو پوءِ هڪ بند ڪمري ۾ ئي ڇو نه ڪري عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم بند ڪرائي ڪلبوشن کي ڪائونسلر پهچ ڏيڻلاءِ ڪم ٿي رهيو آهي ڪائونسلر پهچ ڏني ويندي خميس تي هتي هفتيوار بريفنگ ۾ ڊآڪٽر محمد فيصل چيو ته وزيراعظم عمران خان آمريڪا جو پهريون سڀ کان ڪامياب دورو مڪمل ڪري ورتو سال 2015 کان پوءِ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ هي پهريون اعليٰ سطح جو رابطو هو هن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ امريڪا جا لاڳاپا معمول تي اچي چڪا آهن ڊو مور جو لفظ ذهن مان ڪڍي چڌيو آمريڪا وارن به ڊو مور جو لفظ استعمال ناهي ڪيو ترجمان چيو ته پاڪستان جي ڪردار کي ٻين ملڪن به تسليم ڪيو آهي هن ٻڌايو ته ڊولنڊ ٽرمپ عمران خان پاران ڏنل پاڪتان جي دوري جي دعوت قبول ڪئي آهي پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا نئين سر قائم ٿي چڪا آهن ڊآڪٽر محمد فيصل چيو ته پاڪستان اسامه بن لادن جي حوالي سان شروعاتي ڄاڻ آمريڪا کي ڏني هئي جڏهن ته آءِ ايس آءِ اسامه بن لادن بابت سينڙرل انويسٽيگيشن ايجنسي ڪائي مدد جي تصديق يا ترديد نٿو ڪري ڪشمير جي معاملي تي ڳالهائيندي ترجمان چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير ۾ ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي پر ڀارت ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار نه آهي ڀارت تي ڪشمير لاءِ پختي سوچ اختيار ڪرڻي پوندي هن چيو ته اڳتي وڌڻ جو رستو صرف ڳالهه ٻولهه آهي ڳالهه ٻولهه ٿيندي ته معاملا اڳتي وڌندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *