رٽرننگ آفيسر لاهور جي تڪ اين اي 122 ۽ پ پ 147، اوڪاڙه جي تڪ 144 جي غير حتمي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور/اوڪاڙه (اين اين آءِ) لاهور جي تڪ اين اي 122 ۽ پي پي 147 جڏهن ته اوڪاڙه جي تڪ اين اي 144 جي غير حتمي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو اين اي 122 مان مسلم ليگ (ن) جي اميدوار سردار اياز صادق 74 هزار 525ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته پ پ 147 مان تحريڪ انصاف جي شعيب صديقي 31 هزار 564 ووٽ کنيا اين اي 122 ۾ ٽرن آئوٽ 43.10 سيڪڙو ۽ پ پ 147 ۾ ٽرن آئوٽ 44.72 سيڪڙو رهيو ٻنهي تڪن ۾ وڌن ووٽن مان جملي طور 2923 ووٽ رد قرار ڏنا ويا جڏهن ته اوڪاڙه جي تڪ اين اي 144 مان آزاد اميدوار چوڌري رياض الحق 85 هزار 714 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جتي ٽرن آئوٽ 51 سيڪڙو رهيو لاهور جي تڪ اين اي 122 ۽ پ پ 147 جي رٽرننگ آفيسر شيخ زاهد اقبال ٻنهي تڪن جي غير حتمي نتيجن جو اعلان ڪيو غير حتمي نتيجن مطابق تڪ اين اي 122 مان مسلم ليگ (ن) جو اميدوار سردار اياز صادق 74525 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ان جي مقابلي ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوار عبدالعليم خان 72 هزار 82 ووٽ کنيا اهڙي طرح کيس 2443 ووٽ سان شڪست ملي جڏهن ته پيپلزپارٽي جي بئرسٽر عامر حسن صرف 819 ووٽ کنيا انهي تڪ مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار شگفته ملڪ 37 پاڪستان جسٽس پارٽي جو ملڪ منصب اعواڻ 11، آپ جناب سرڪاري پارٽي جو نواب ڊاڪٽر امبر شهزادي صرف 11 ووٽ کنيا جڏهن ته آزاد اميدوار خرم قريشي 268 حڪم شيخ معين الدين قريشي 47، جمشيد اقبال 42 راجا صفدر زمان هزاروي 10، سرفراز قريشي 29 صاحبزاده عبدالقيوم فاروقي 16، محمد نويد نواز، 35 محمد يونس ناصر 22 ميان لئين رحمان 38 ۽ ميان محمد يامين ٽيپو 5 ووٽ کنيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *