گورنر جي وڏي وزير سان ملاقات، وي سي ڊائو يونيورسٽي جي مقرري ۽ پيدا ٿيل وِڇوٽيون ختم ڪرڻ بابت ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جي وڏي وزير قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ وي سي ڊائو يونيورسٽي جي مقرري ۽ پيدا ٿيل وِڇوٽيون ختم ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد سي ايم هائوس پهچي وڏزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ وي سي ڊائو يونيورسٽي جي مقرري ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن.ملاقات دوران وڏي زير ۽ گورنر ۾ پيدا ٿيل وڇوٽيون ختم ڪرڻ جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي… واضع رهي ته وڏي وزير طرفان ڊائو يونيورسٽي جي وي سي جي مقرري لاءِ گورنر کي سفارش موڪلي هئي، جيڪا عشرت العباد رد ڪندي پنهنجي مرضي موجب نوشاد شيخ کي وي سي مقرر ڪيو هو. گورنر پاران وڏي وزير جي سفارش رد ٿيڻ کانپوءِ اختلاف پيدا ٿيا، ان ئي سلسلي ۾ اڄ ملاقات ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *