رحمان ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات، ايم ڪيو ايم سان طئي ٿيل معاهدي تي بريفنگ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير ۽ پ پ سينيٽر رحمان ملڪ، لنڊن کان ڪراچي پهچڻ بعد پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري کيس ايم ڪيو ايم سان طئه ٿيل معاهدي بابت بريفنگ ڏني. پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽر رحمان ملڪ لنڊن کان ڏيهه واپسي بعد بلاول هائوس ڪراچي ۾ آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. رحمان ملڪ، لنڊن ۾ متحده سربراهه الطاف حسين سان ٿيل ملاقات ۽ پ پ، متحده معاهدي جي تفصيلن بابت پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين کي ڄاڻ ڏني.رحمان ملڪ سان صلاح مشوري کانپوءِ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اڄ اسلام آباد روانو ٿيندو، جتي هو مختلف سياسي اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪندو. آصف علي زرداري سينيٽ جي چونڊن ۾ حمايت حاصل ڪرڻ توڙي جوڙ ٽوڙ لاءِ مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *