وفاقي سرڪار، سنڌي چئنلز کان وڌيڪ اردو چئنلز کي سرڪاري اشتهار ڏيڻ جو اعتراف ڪري ورتو، اياز سومرو جو ٻه اکيائي خلاف احتجاج

اسلام آباد(بيورو) وفاقي سرڪار، سنڌي ٽي وي چئنلز کان وڌيڪ اردو چئنلز کي سرڪاري اشتهار ڏيڻ جو اعتراف ڪري ورتو، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پارلياماني سيڪريٽري محسن رانجها ٽي وي چينلز کي ملندڙ اشتهارن بابت تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا. ٻڌايو ته اشتهار ريٽنگ جي بنياد تي ڏنا ٿا وڃن،جيڪو ٽي وي چينل وڌيڪ ڏٺو وڃي ٿو، ان کي اشتهار به ان ئي حساب سان ملي ٿو، هن اعتراف ڪيو ته اردو چينلز جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٽي وي چينلز کي ملندڙ اشتهارن جا پئسا گهٽ جاري ڪيا وڃن ٿا.پ پ ايم اين اي محمد اياز سومري، سنڌي چينلز سان ٻه اکيائي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته وفاقي سرڪار رڳو اردو ٽي وي چينلز کي نوازيو آهي،جڏهن ته سنڌي ٽي وي چينلز جي ڀيٽ ۾ اردو چينلز کي اربين رپين جا اشتهار ڏنا پيا وڃن. ايم اين اي اياز سومري چيو ته ٻڌايو وڃي ته سنڌي ٽي وي چينلز کي اشتهار ڇو نه ٿا ملن؟ سڌ سماءَ واري پارلياماني سيڪريٽري محسن رانجها چيو ته صوبن ۾ موجود قديم آثارن جا ماڳ ۽ ثقافتي هنڌن لاءِ وفاق وٽ پئسا ناهن،اهو ڪم صوبن وٽ آهي. هن چيو ته صوبن جي نااهلي آهي جو تاريخي ماڳن ڏانهن ڌيان نه پيو ڏنو وڃي. محسن رانجها چيو ته تاريخي ماڳ خطري ۾ آهن، صوبن کي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته صوبن کي پرڏيهي فنڊنگ به ٿئي ٿي پر صوبا ڪم نه پيا ڪن. سڌ سماءَ بابت پارلياماني سيڪريٽري محسن رانجها چيو ته يوٽيوب تي پابندي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي لڳي آهي. وفاقي وزير شيخ آفتاب چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم کان سواءِ پابندي نه ٿي هٽائي سگهجي ڪابينا ڊويزن جو لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کان سواءِ افغانستان، انڊونيشيا، بنگلاديش، ايران، مصر ۽ سوڊان ۾ به يو ٽيوب تي پابندي لاڳو آهي. جواب ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته سڀني پابندي ختم ڪئي رڳو ايران ۽ پاڪستان ۾ يوٽيوب تي پابندي آهي. ڪابينا ڊويزن جو لکت ۾ جواب ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ اندر موبائيل استعمال ڪندڙن جو تعداد 13 ڪروڙ، 73 لک آهي. ريلوي واري وزارت لکت ۾ جمع ڪرايل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي لاءِ پرڏيهي قرض نه پيا ملن، جنهن ڪري منصوبي کي ڪجهه شرطن تي سنڌ حڪومت ۽ ڪراچي انتظاميا حوالي ڪري سگهجي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *