حڪمران جماعت مسلم ليگ نواز سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) حڪمران جماعت مسلم ليگ نون سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنرل سيٽن تي اڪثر پراڻي ميمبرز کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي، جڏهن ته سنڌ مان رڳو هڪ سينيٽرز کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ نون جي پارلياماني بورڊ جي اجلاس ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ مليل 172 درخواستن مان چونڊيل اميدوارن جو اعلان ڪيو ويو آهي. مسلم ليگ نون جي ترجمان موجب، پنجاب مان ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ عبدالقيوم، مشاهد الله خان، ڊاڪٽر غوث نيازي، بيگم نجمه حميد، ڪرن ڊار،نهال هاشمي، چوڌري تنوير، آصف ڪرماني ۽ پروفيسر ساجد مير کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. اسلام آباد مان راحيلا مگسي، ظفر اقبال جهڳڙا ۽ سنڌ مان ظفر علي شاهه سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوار هوندا. مسلم ليگ ن جي ترجمان موجب، خيبرپختونخواهه مان ليفٽيننٽ جنرل صلاح الدين تميزي کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي، سندس ڪورنگ اميدوار پير صابر شاهه هوندو. بلوچستان مان سردار يعقوب خان ناصر، امير افضل خان مندوخيل، ثناءُ الله زهري، شهباز خان دراني ۽ اياز خان سواتي کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته دانش ڪمار ٽيڪنوڪريٽس، ڪلثوم پروين عورتن جي سيٽ ۽ سئيدال خان ناصر جنرل سيٽن تي ڪورنگ اميدوار هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *