حڪومت نوڪري دوران فوت ٿيندڙ ملازمن جي وارثن لاءِ امداد ۾ 300 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف نوڪري دوران وفات ٿيندڙ سرڪاري ملازمن جي وارثن لاءِ نظرثاني ٿيل امدادي پئڪيج جي منظور يڏني آهي پئڪيج 9 فيبروري 2015 کان نافذ ٿيندو خميس تي جاري اعلان مطابق نوڪري دوران فوت ٿيندڙ سول ملازمن جي لاءِ 2006 جي پئڪيج ۾ 300 کان ٻيڻو اضافو ڪيو ويو آهي اضافي ٿيل پئڪيج ٿيل نوڪري دوران وفات ٿيندڙ گريڊ هڪ کان چئن جي ملازمن جي وارثن کي 6 لک رپيا، اسڪيل پنج کان 10 جي وارثن کي 9 لک رپيا 11 کان 15 اسڪيل جي وارثن کي 12 لک رپيا، اسڪيل 16 کان 17 جي وارثن کي 15 لک رپيا ۽ گريڊ 18 کان 19 گريڊ جي ملازمن جي وارثن کي 24 لک رپيا ۽ گريڊ 20 ۽ ان کان مٿي جي ملازمن جي وارثن کي 30 لک رپين جي گرانٽ ڏني آهي. سيڪيورٽي متعلق فوت ٿيڻ جي صورت ۾ گريڊ هڪ کان 16 لاءِ 30 لک رپيا گريڊ 17 جي لاءِ 50 لک رپيا گريڊ 18 ۽ 19 لاءِ 90 لک رپيا ۽ گريڊ 20 ۽ ان کان مٿي جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا ڏنو ويندو. مقابلن بم ڌماڪن فساد فرض جي ادائيگي يا دهشتگردي جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ زخمي هجڻ تي معذور ٿيڻ ۽ ملازمت مان رٽائرڊ ٿيندڙ آفيسرن اهلڪارن کي 70 لک رپيا ڏنا ويندا. حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ جي نتيجي ۾ معذور ٿيندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جيڪي کاتي ۾ بدستور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا هجن انهن کي 50 لک رپيا ڏنا ويندا. نوڪري دوران وفات ۽ سيڪيورٽي متعلق موت ٻنهي صورت ۾ سرڪاري ملازمن جي وارثن کي ان جي سروس ۽ آخري پگهار مطابق 100 سيڪڙو پينشن ڏني ويندي 10 سال کان گهٽ سروس جي صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 سال جي سروس جي شرح کان پينشن لاڳو ٿيندي. وارثن کي سرڪاري جڳهه يا رٽائرڊمينٽ جي مدت تائين جڳهه جو ڪرايو حاصل ڪرڻ جي اجازت هوندي ان پئڪيج جي تحت سرڪاري ملازمن جي تمام ٻارڙن کي ڪنهن به پبلڪ سرڪاري تعليمي ادارن ۾ گريجوئيشن تائين مفت تعليم جي سهولت حاصل هوندي جنهن ۾ ٽيوشن فيس ڪتابن متعلق مواد ۽ گذارو الائونس وغيره شامل آهن پلاٽ جي الاٽمينٽ لاءِ 2 سيڪڙو ڪوٽا جي اهليت ختم ڪندي ماضي ۾ ڪوبه پلاٽ الاٽ نه ٿيڻ جي صورت ۾ پلاٽ جي بدران گريڊ هڪ کان 8 جي ملازمن کي 20 لک رپيا، گريڊ 9 کان 16 کي 50 لک رپيا، ۽ گريڊ 17 ۽ ان کان مٿان جي ملازمن کي 70 لک رپيا ڏنا ويندا امدادي پئڪيج ۾ نوڪري دوران وفات ٿيندڙ ملازمن جي ٻارڙن کي گريڊ هڪ کان 15 جي آسامين تي اشتهار جي بغير ٻه سال ڪانٽريڪ جي بنياد تي نوڪري ڏني ويندي نوڪري دوران وفات ٿيندڙ ملازمن جي وارثن کي هڪ ڌيءَ جي شاديءَ لاءِ 8 لک رپين جي گرانٽ ڏني ويندي سروس دوران اهليت مطابق حاصل مفت طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اي جي پي آر صوبائي اي جي آفيس پاران منظور ٿيل پگهارن تي ايڊوانس جي صورت ۾ غير ادا ٿيل رقم معاف ڪئي ويندي. گريڊ 17 يا گريڊ 18 جي ڪنهن به آفيسر کي هر وزارت ڊويزن کاتي پاران ڪائونسل طور تي نامزد ڪري سگهجي ٿو. جيڪو نوڪري دوران فوت ٿيندڙ سرڪاري ملازمن جي وارثن کي پئڪيج تحت ڏنل تمام سهولتن کي هڪ مهيني جي اندر حتمي شڪل ڏيڻ ان جي فراهمي جو ذميوار هوندو. سيڪيورٽي متعلق موت جي صورت ۾ بيني لينٽ فنڊ مان 2 لک مان 5 لک رپين تائين جي ادائيگي جي به منظوري ڏني ويئي آهي ان حوالي سان گريڊ هڪ کان 10 تائين 2 لک رپيا 11 کان 16 تائين 3 لک رپيا 17 کان 19 تائين 4 لک رپيا ۽ گريڊ 20 ۽ ان کان مٿي تائين 5 لک رپين جي ادائيگي ٿيندي نوڪري دوران فوت ٿيندڙ سرڪاري ملازمن کي ماهوار بينولنٽ گرانٽ جي حوالي سان وڌ کان وڌ 5 هزار رپين جي پي سلپ تي 4000 رپيا 5001 کان 5500 رپين تي 4150 رپيا، 5501 کان 6000 رپين تي 4300 رپيا، 6001 کان 6500 رپين تي 4450 رپيا، 6501 کان 7000 هزار رپين تي 4600 رپيا، 7001 کان 7500 رپين تائين 4750 رپيا، 7501 کان 8000 رپين تائين 4900 رپيا، 8001 رپين کان 8500 رپين تي 5050 رپيا، 8501 کان 9000 رپين تي 5200 رپيا، 9001 کان 9500 رپين تي 5350 رپيا، 9551 کان 11000 رپين تي 5600 رپيا، 11001 رپين کان 13000 رپين تي 5900 رپيا، 13001 رپئي کان 15000 رپين تي 6200 رپيا، 15001 کان 17 هزار تي 6500 رپيا، 17001 رپئي کان 19000 هزار تي 6800، 19001 رپئي کان 21000 تي 7100، 2101 رپئي کان 23000 رپين کان 25000 رپين تي 7700 رپيا، 25001 رپئي کان 27000 تي 8 هزار، 27001 رپئي کان 29 هزار تي 80300 29001 کان 31000 تي 8600، 31001 رپئي کان 33000 تي 8600، 31001 کان 33000 تي 8900، 33001 کان 35000 تي 9200، 35001 کان 37000 تي 9500، 37001 کان 39000 تي 9800 ۽ 39001 ۽ ان کان مٿي 10100 رپين جي ادائيگي ٿيندي. نوڪري دوران فوت ٿيڻ جي صورت ۾ سرڪاري ملازمن جي وارثن جي سهولت لاءِ واسطيدار وزارت ڊويزن کاتي پاران فوري طور تي بنيادي تقاضا پورا ڪيا وڃن ته جيئن سرڪاري ملازمن کي وارثن کي ڪنهن دير جي بغير اهي سهولتون حاصل ٿين. ان حوالي سان فئملي پينشن ڪيس فوري طور تي داخل ڪيو وڃي. ڊائريڪٽ ڪريڊٽ اسڪيم پينشن جي آن لائين ادائيگي لاءِ آپشن فارم پيشگي پينشن مجموعي پيشن جو 80 سيڪڙو جي لاءِ درخواست ڏني وڃي ان کان علاوه هر وزارت ڊويزن کاتو فعال حڪمت عملي جي تحت پنهنجي ملازمن جي حوالي سان ضروري عمل اختيار ڪري ۽ پينشن جي مقصد لاءِ هر ملازم جي وارثن جي تازه لسٽ فوري طور تي تيار ڪئي وڃي. وزيراعظم ان ڳالهه جي به منظوري ڏني ڪوبه موت سيڪيورٽي متعلق موت تصور ڪيو ويندو جيڪڏهن دهشتگردي جي ڪارروائي يا دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ جو واقعو هجي يا ان جي امر ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهو قانون نافذ ڪندڙ اداري يا ميمبر يا سول ملازم آهي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ڪنهن به ميمبر جو موت جيڪڏهن دهشتگردي جي ڪارروائي کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب سان واقعو ٿئي ٿو ته اهو نوڪري دوران موت تصور ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *