خيبرپختونخوا ۾ ڏهه ڪروڙ وڻ لڳائڻ جي دعويٰ ڪوڙي آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) وفاقي سڌ سماءَ واري وزير پرويز رشيد چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ ڏهه ڪروڙ وڻ لڳائڻ واري دعويٰ ڪوڙي آهي، عمران خان ٻڌائي ته  اهي وڻ ڪٿان ايندا ۽ ڪٿي لڳندا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته خيبرپختونخوا جو عوام  به صوبائي حڪومت پاران به طئي ٿيل وڻڪاري ڳولهي رهيا آهن،سندس چوڻ هو ته عمران خان وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺندڙ مزدورن جي فهرست ڏئي. ڪي پي ڪي حڪومت وڻ لڳائڻ جي اوٽ ۾ وسيلن تي ڌاڙو هڻي رهي آهي.پرويز رشيد چيو ته صوبائي حڪومت وڻڪاري مهم کي ايترو ڳجهو رکيو جو علائقي واسين کي ئي پتو نه پيو .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *