ڀارتي الزام رد، هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ سشما سوراج جي شموليت بابت تصديق ناهي ٿي: پاڪستان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي کاتي جي ترجمان قاضِر خليل الله چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات بابت بيان ڏئي چڪو آهي، ان حوالي سان وڌيڪ ڪجهه به چوڻ جي ضرورت ناهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج جي شموليت جي حوالي سان تصديق جو انتظار آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ مقرر ڀارتي سفير جو پيرس ۾ ڏنل بيان پاڪ – افغان لاڳاپن جي حوالي سان سفارتي اصولن جي خلاف آهي،ڪنهن به سفير جو پنهنجي ميزبان ملڪ ۽ ٽئين ملڪ جي لاڳاپن جي حوالي سان بيان ڏيڻ مناسبناهي، سندس چوڻ هو ته ڀارت نئين دهلي ۾ پاڪستاني اهلڪار تي جاسوسي جي الزامن ۽ جاچ جي حوالي سان ناهي ٻڌايو، پاڪستاني انٽيليجنس ايجنسي تي الزام بي بنياد آهن، قاضي خليل الله چيو ته ڀارت سدائين پاڪستاني ايجنيسن تي الزام مڙهيندو رهيو آهي، ماضي ۾ به ڀارت اهڙا الزام هنيا پر ڪڏهن به اهي ثابت نه ڪري سگهيو، هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس جو افتتاح وزيراعظم نواز شريف ۽ افغان صدر اشرف غني ڪندا، افغان صدر جي پاڪستاني دوري بابت باضابطا طور ناهي ٻڌايو ويو، سندس چوڻ هو ته ان ڪانفرنس جو مقصد افغانستان ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ آهي، قاضي خليل الله ٻڌايو ته ڪانفرنس ۾ چين، تاجڪستان، ڪرغزستان، ايران ۽ افغانستان جي شموليت جي تصديق ٿي چڪي آهي، باقي ڀارت اڃا باضابطا طور تي ڪجهه ناهي ٻڌايو. هن چيو ته اسان افغان طالبان جي امير ملا اختر منصور جي زخمي هجڻ بابت خبرون ميڊيا ذريعي ٻڌيون آهن، سندس مارجي وڃڻ يا زخمي ٿيڻ بابت ڪابه ڄاڻ ناهي، هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته سعودي عرب جي جيلن ۾ 5 هزار پاڪستاني قيد آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *