
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ايران جي دوري ۾ پاڪ-ايران گيس پائپ لائين منصوبي کي جاري رکڻ جو اعلان ناهي ڪيو. حڪومت کي توانائي جي وڌندڙ ضرورت گيس جي قيمتن ۾ واڌ ۽ لوڊشيڊنگ تي ڪا ڳڻتي ناهي. حڪومت ضرورتن بدران عالمي طاقتن اڳيان جهڪي وئي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان کان اڳ به سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وزيراعظم عمران خان جي ايران جي دوري بابت سندس مٿان سخت تنقيد ڪري چڪو آهي.