حڪمران ڌمڪيون ڏيڻ بدران عدالت ۾ ثبوت پيش ڪن: سراج الحق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير مولانا سراج الحق چيو آهي ته پاناما ڪيس جي فيصلي سان پاڪستان جو مستقبل ڳنڍيل آهي، وزير اعظم جذباتي ٿيڻ جي بدران ثبوت پيش ڪري. سپريم ڪورٽ ۾ جيڪو به فيصلو ٿيندو پاڪستان ۽ قوم جو مستقبل ان سان ڳنڍيل هوندو. اڄ اهڙو ٿئي جو پاڪستان ڪرپشن کان پاڪ ٿي وڃي. پاناما عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزير اعظم اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪندي مستعفيٰ ٿئي. اسان چاهيون ٿا ته پاناما ڪيس جو فيصلو اهڙو ٿئي جو پاڪستان ڪرپشن کان پاڪ ٿي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هاڻ اهو واحد ملڪ آهي جنهن ۾ حڪمران پنهنجي پاڻ کي احتساب کان مٿانهان سمجهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *