پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ ماڻهو فالج جو شڪار آهن:ماهر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ماهرن چيو آهي ته پاڪستان جي آبادي جي  لحاظ کان دنيا جو ڇهو وڏو ملڪ آهي جتي فالج سميت ڪيترن ئي غير متعدي بيمارين جي شرح تقريبن 41 سيڪڙو آهي.جنهن ۾ پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ ماڻهو فالج جو شڪار آهن.پروفيسر شوڪت، پروفيسر واسع، پروفيسر خالد شير، پروفيسر عارف، ڊاڪٽر احمد سلمان، ڊاڪٽر  تبسم جعفري، ڊاڪٽر  ميمونه صدقي، ڊاڪٽر عبدالمالڪ  نجي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  فالج  هڪ قابل علاج آهي ۽ فالج  ۾ مبتلا  لکين ماڻهو  جيڪي معذوري جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ انهن جي زندگيون ۾ فوري طور علاج سان بهتري ڪري سگهجي ٿي. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته پوري دنيا ۾ هر 6 انسانن مان ڪنهن به هڪ کي ڪنهن به وقت فالج اٽيڪ ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته فالج جي سخت حملي ۾ موت ۽ معذوري جي شرح کي گهٽ ڪرڻ ۾ فالج اسٽروڪ يونٽس بنيادي ڪردار ادا ڪندا آهن.اسپتالن ۾ اسٽروڪ يونٽس قائم ڪيا وڃن ته جئين موت ۽ مريضن جي معذوري ۾ 50 فيصد تائين گهتائي آڻي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *