پانامه ڪيس: تحريڪ انصاف جو مشاورتي اجلاس، ڪرپشن تي سمجهوتو نه ڪنداسين: عمران خان

اسلام آباد (ويب ديسڪ): پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ طرفان فيصلو محفوظ ڪرڻ بعد عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جو اهم اجلاس ٿيو، اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڪرپشن جي اونداهي رات ختم ٿيڻ وڃي رهي آهي، مون کي نئون پاڪستان بڻجندي نظر اچي رهيو آهي، تحريڪ انصاف ڪرپشن تي ڪو سمجهوتو نه ڪندي، سپريم ڪورٽ طرفان پاناما ڪيس جو فيصلو محفوط ڪرڻ بعد تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جو مشاورتي اجلاس ٿيو، عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پاناما ڪيس تي سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته نواز شريف جو نااهلي کان بچڻ ممڪن ناهي، ڪرپشن جي اونداهي رات ختم ٿيڻ واري آهي، مون کي نئون پاڪستان بڻجندي نظر اچي رهيو آهي، اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد قوم جشن ملهائيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *