حاصل بزنجو سينيٽ چيئرمين نامزد، حڪمران سينيٽ اجلاس سڏائڻ کان ڀڄي رهيا آهن: رهبر ڪميٽي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريل حادثن تي اپوزيشن ريلوي واري وزير شيخ رشيد کان استعيفيٰ سميت سندس خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتاريءَ جو به مطالبو ڪيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽرين حادثي تي ڏُک جو اظهار ڪندي چيو ته حادثن تي استعيفائن جا عمران خان وڏا مثال ڏنا، هاڻ پنهنجي وزير کان به استعيفيٰ وٺي. اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ريل حادثي ۾ فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هڪٻئي پويان حادثا ڳڻتي جوڳا آهن، ناقص رٿابندي ۽ ڪمزور ٽريڪ حادثن جو سبب بڻجي رهيا آهن، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ن ليگ سيڪريٽري جنرل احسن اقبال حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته وزيراعظم استعيفيٰ ته نٿو وٺي سگهي پر ريلوي ڪنهن اهڙي شخص حوالي ڪري جنهن وٽ وزارت لاءِ وقت هجي، وزيراعظم کي گهرجي ته هو جعلي ڪارڪردگي جي حوصلا شڪني ڪري. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ٽرينن جا حادثا ۽ ماڻهو مرڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي، حادثي جا سبب ڄاڻي ذميوارن جي پڪڙ ڪئي وڃي. ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري ريلوي واري وزير شيخ رشيد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو ته عمران نيازي شيخ رشيد جي وزارت کي گار گند ڏئي، ريلوي ڪنهن ٻئي وزير کي ڏئي، خوشامدي نيازي ايڪسپريس هلائڻ کان اڳ عوام جي حفاظت يقيني بنائڻ جو انتظام ڪري. هوڏانهن ن ليگ طرفان ٽرين حادثي تي شيخ رشيد خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ سندس گرفتاري جي مطالبي جو ٺهراءُ پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو ويو. ن ليگ اڳواڻ حنا پرويز بٽ طرفان جمع ڪرايل ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته اڪبر ايڪسپريس ۽ مال گاڏي ٽڪرجڻ جو ذميوار شيخ رشيد کي سمجهون ٿا، ريلوي واري وزير کي پنهنجي عهدي تي رهڻ جو ڪو اخلاقي جواز ناهي. ٺهراءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ريلوي کاتي جي نااهلي جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *