صادق سنجراڻي ڪيڏانهن نه ويندو، مفاد پرست جمهوريت کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ/ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ”نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبي“ تحت اسلام آباد ۾ 18 هزار 500 گهرن جي اڏاوت جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پگهار کڻندڙ وچولو طبقو بئنڪن کان قرض وٺي پنهنجا گهر ٺاهي سگهي ٿو. هن چيو ته ملڪ جو غريب ماڻهو پنهنجو گهر ٺاهڻ جي سگهه نٿو رکي پر منصوبي تحت گهرن جي قيمت عام ماڻهو جي پهچ ۾ هوندي، حڪومت منصوبي لاءِ ايراضي فراهم ڪندي. عمران خان اشارو ڏنو ته 18 هزار 5 سئو مان 10 هزار گهرن لاءِ رکيا ويندا، ڪچين آبادين جي رهواسين لاءِ به اسڪيم شروع ڪري رهيا آهيون ۽ اسڪيم جي شروعات اسلام آباد جي ٻن ڪچين آبادين کان ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته قانوني ڏکيائين سبب پاڪستان ۾ رڳو 0.25 سيڪڙو ماڻهو ئي گهر ٺاهڻ لاءِ قرض وٺندا رهيا آهن، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ لون وٺي پنهنجو گهر اڏيندا آهن. وزيراعظم چيو ته هائوسنگ منصوبي ۾ ٻاهرين ملڪن جا گهڻا سيڙپڪار دلچسپي وٺي رهيا آهن، جيڪي ماڻهو چون ٿا اهو ناممڪن آهي اهي ڏسندا ته هر سال ان منصوبي ۾ تيزي ايندي ۽ انهن ماڻهن کي موقعو ملندو، جيڪي ڪڏهن پنهنجو گهر ٺاهڻ جو سوچي نه سگهيا هئا. هن چيو ته اسان کي 5 ورهين ۾ 50 لک گهر ٺاهڻا آهن، گهرن جي اڏاوت هڪ ڏکيو منصوبو آهي، جيڪڏهن اهو ڏکيو نه هجي ها ته گذريل حڪومتون ان تي عمل ڪري چڪيون هجن ها.  ٻئي طرف

وزيراعظم عمران خان، سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي کي خاطري ڪرائي آهي ته ان جي خلاف بي اعتمادي واري رٿ کي گڏجي ناڪام بڻائينداسين، ميڊيا رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي جنهن ۾ سندس خلاف مخالف ڌر پاران پيش ڪيل بي اعتمادي واري رٿ ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون ذريعن موجب ان ملاقات ۾ اعظم سواتي، پرويز خٽڪ ۽ شبلي فراز به موجود هئا. سينيٽ جي چيئرمين مخالف ڌر جي بي اعتمادي واري رٿ بابت صلاح مشورا ڪيا جڏهن ته اعظم سواتي ۽ شبلي فراز وزيراعظم کي نمبر گيم بابت ڄاڻ ڏني ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته سينيٽ جي چيئرمين خلاف بي اعتمادي واري رٿ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ پراعتماد آهيون هن چيو ته مفاد پرست ماڻهو جمهوريت کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. جمهوريت جو راڳ ڳائيندڙ ٻڌائين ته سينيٽ جي چيئرمين کي هٽائڻ ڪهڙو جمهوري قدر آهي. وزيراعظم سينيٽ جي چيئرمين کي چيو ته سنجراڻي صاحب اوهان ايوان بهتر نموني سان هلائي رهيا آهيو پريشان نه ٿيو اوهان جي خلاف بي اعتمادي واري رٿ کي اسان سڀ گڏجي ناڪام بڻائينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *