بولڊ لفظ ناهي وڻندو، پاڻ کي بولڊ اداڪارا قرار ڏيڻ تي منجهيل آهيان: تارا اليشا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا تارا اليشا بيري چيو آهي ته کيس بولڊ وارو لفظ پسند ناهي ۽ هوءَ پاڻ کي بولڊ اداڪارا قرار ڏيڻ جي حوالي سان مونجهاري جو شڪار آهي، تارا جي ايندڙ فلم وڪرم ڀٽ جي لو گيمز آهي، ممبئي ۾ فلم جي مشهوري مهم جي سلسلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تارا اليشا چيو ته لو گيمز اهڙي فلم آهي، جنهن ۾ حقيقت ڏيکاري وئي آهي، جڏهن ته مونکي لفظ بولڊ ناهي وڻندو، فلم ۾ پنهنجي ڪردار جي تياري جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ تارا چيو ته وڪرم سر جي رهنمائي کانسواءِ مان اهو نه ڪري سگهان ها، هن چيو ته فلم دوران مونکي زخم رسيو پر مان ايتري ته جوش ۾ هيس جو ان جي خبر ئي نه پئي، جنهن کانپوءِ وڪرم سر آيو ۽ چيو ته سور محسوس ڪرڻ کان ڪڏهن به نه ڊڄجان، سندس ان صلاح مونکي وڏي همت ڏني، هڪ سوال جي جواب ۾ تارا جو چوڻ هوته فلمن ۾ ڪرڻ کان پهرين مان پنهنجو پاڻ ڳولڻ کان ڊنل هيس پر جڏهن مان کليل نمموني پنهنجي سامهون آيس ته مونکي لڳو ته مان گهڻو ڪجهه ڪري سگهان ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *