پ پ آدمشماري تي سوديبازي ڪري ڇڏي آهي: سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس

حيدرآباد(بيورو) سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران سنڌ ۾ ٿيندڙ زيادتين ۽ نا انصافين خلاف اڄ عمرڪوٽ ۾ جلسو ڪيو ويندو، فنڪشنل ليگ اڳواڻ سيد صدر الدين شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ زيادتين ۽ نا انصافين خلاف حيدرآباد کان عمرڪوٽ تائين ريلي ڪڍي ويندي جڏهن ته عمرڪوٽ ۾ جلسو به ٿيندو. گذريل ڏينهن حيدرآباد م سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اجلاس ٿيو اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي الائسن جي ترجمان اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي وڇي ته حڪمران گم ٿي وڃن ٿا هن چيو ته پيپلزپارٽي آدمشماري تي سوديبازي ڪري ڇڏي آهي. پ پ سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري ٿي. پ پ گذريل 8 سالن ۾ هر سال پنج کرب رپين جي ڪرپشن ڪئي. ان موقعي تي سيد غوث علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جو ڄمي مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ بهتر ٿيندو ته پاڪستان ۾ بهتري ايندي. وفاقي وزير مرتضيٰ جتوئي چيو ته پنجاب جي مقابلي ۾ سنڌ جي حالتن کي ڏسي شرم اچي ٿو. پيپلزپارٽي جي ڪرپشن سنڌ کي پنجاهه سيڪڙو پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. هن چيو ته جمهوريت جي بحالي ۽ سنڌ جي خوشحالي لاءِ سڀاڻي ريلي ڪڍي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *