رنوير ۽ مان هڪجهڙا آهيون، گڏ ڪم ڪيون ته باهه ٻاري ڇڏينداسين:رتيڪا سنگهه

ممبئي:بالي ووڊ فلم سالا خڙوس ذريعي شهرت ماڻيندڙ اداڪارا رتيڪا سنگه چيو آهي ته رنوير سان سندس جوڙي ميچ ڪري ٿي،ڇو ته اسان ٻئي تمام گهڻا تيز آهيون، مارشل ارٽسٽ مان اداڪارا بڻيل رتيڪا هڪ انٽرويو ۾ چيو ته مونکي رنوير سنگه ۽ رنبير ڪپور ٻئي وڻڻدا آهن پر مان سمجهان ٿي ته رنوير ۽ مون ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي آهي،جيڪڏهن اسان فلم ۾ گڏ ڪم ڪيون ته اها تمام گهڻي ڪامياب ٿي سگهي ٿي،سندس چوڻ هو ته بالي وڊ جي موجوده نسل ۾ عاليا ڀٽ سڀني کان بهترين ۽ هوشيار اداڪارا آهي، 22 ورهين جي رتيڪا سنگهه چيو ته مان تازو ئي فلم ڪپور اينڊ سنز ڏٺي آهي، جنهن ۾ عاليا ڪمال جي اداڪاري ڪئي آهي،سندس اداڪاري سبب ائين لڳي ئي نه پيو ته اها ڪا فلم آهي پر ائين پئي لڳو ته ته عاليا ڀٽ حقيقي زندگي ۾ ڳالهائي رهي آهي، اهو سڀ ڪجهه سندس ٽيلينٽ ظاهر ڪري ٿو.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *