اڳوڻن حڪمرانن قرض وٺي اسان کي غلام قوم بڻائي ڇڏيو: عمران خان

اسلام آباد (م.ڊ/اين اين آءِ)وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ اڳوڻن حڪمرانن قرض وٺي اسان کي غلام قوم بڻائي ڇڏيو، وزيراعظم عمران خان ڪابينا جي اجلاس ۾ مني بجيٽ بابت ميمبرن کي بريفنگ ڏني، ذريعن موجب وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ ميمبرن کي مني بجيٽ آڻڻ جي سببن کان آگاهه ڪيو ۽ ان تي کليل نموني ڳالهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم گذريل حڪومتن تي به تنقيد ڪندي چيو ته اڳوڻي حڪمرانن عالمي ادارن کان قرض وٺي اسان کي غلام قوم بڻايو، هن چيو ته عالمي ادارن جا قرض ۽ سود واپس ڪرڻ لاءِ انهن کان قرض وٺڻو پوندو, ياد رهي ته حڪومت طرفان مني بجيٽ جلد پيش ڪرڻ جو امڪان آهي ۽ ان حوالي سان ناڻي واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مني بجيٽ ۾ عام ماڻهو جي استعمال ٿيندڙ ڪنهن به شيءِ تي ڪو به محصول نه لڳايو ويندو,  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مقامي گئس جا ذخيرا ڳولڻ جا لائسنس جاري ڪرڻ واري عمل کي تيز ڪيو وڃي مقامي گئس ٻارڻ جو سڀ کان سستو ذريعو آهي طئي ٿيل ٽائيم لائينز ۾ وڌيڪ دير بنا ان تي عمل ڪيو وڃي اربع تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ گئس جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ملڪ ۾ گئس جا ذخيرا، طلب، رسد، شاٽ فال ۽ ايل اين جي ٻاهران گرائڻ تي بريفنگ ڏني وئي ملڪ ۾ گئس جي موجوده طلب 4700 ايم ايم سي ايف ڊي آهي ٻڌايو ويو ته سياري جي منڌ ۾ وڌي 6 هزار کان 6500 ايم ايم سي ايف ڊي تائين پهچي وڃي ٿي موجوده ملڪي سپلاءِ 3300 ايم ايم سي ايف ڊي آهي جيڪا هر سال گهتجي رهي آهي ٻڌايو ويو ته گئز جي کوٽ کي ايل اين جي ٻاهران گهرائي پورو ڪرڻو پوندو موجوده انفرااسٽريڪچر سان سياري جي مند ۾ اٽڪل هڪ هزار ايم ايم سي ايف ڊي جي ڪمي پيدا ٿئي ٿي ٻڌايو ويو ته ورچوئل پائپ لائن لائسنس جاري ڪرڻ واري عمل کي تيز ڪيو پيو وڃي وزيراعظم هدايت ڪئي ته مقامي گئس جا ذخيرا ڳولڻ جا لائسنس جاري ڪرڻ واري عمل کي تيز ڪيو وڃي. .

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *