سينيٽ ۾ قومي سلامتي پاليسي مسودو پيش نه ڪرڻ تي اپوزيشن جو گوڙ، ڊائس جو گهيراءُ

اسلام آباد: (م.ڊ) سينيٽ اجلاس دوران اپوزيشن پاران گوڙ ڪيو ويو ۽ سينيٽ چيئرمين جي ڊائس جو گهيراءُ ڪيو ويو. صادق سنجراڻي ميمبرن کي واپس سيٽن تي وڃڻ جو چوندو رهيو ۽ ميمبرن کي پنهنجي سيٽن تي وڃي احتجاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته قومي سلامتي پاليسي جو اسان کي اخبارن مان خبر پئي. سينيٽ کي خبر ئي ناهي ته قومي سلامتي پاليسي ڇا آهي. قومي سلامتي پاليسي سينيٽ ۾ ڇو ناهي آندي وئي؟ اسان کي ٻڌايو ويو ته قومي سلامتي پاليسي جي تحت وڏي تبديلي آئي آهي. چيو پيو وڃي ته معيشت قومي سلامتي پاليسي جو اهم جز هوندي آهي. اوهان اسٽيٽ بئنڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکرائي ڇڏيو. هاڻ هي عالمي سامراج آڏو سڌو سنئون جوابده هوندا. پارليامينٽ جي سامهون نه. حڪومت مني بجيٽ پيش ڪرڻ وڃي رهي آهي پر ان جا اتحادي تيار نه آهن. قائد ايوان ۽ سينيٽر شهزاد وسيم چيو ته اڄ تائين ڪنهن حڪومت نيشنل سيڪيورٽي پاليسي ناهي ٺاهي. اپوزيشن نيشنل سيڪيورٽي پاليسي لاءِ ڪميٽي ۾ ناهي آئي. نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جو اعزاز عمران خان حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. جڏهن پاليسي ڊرافٽ جي شڪل ۾ هئي ته اپوزيشن کي اچڻ جي دعوت ڏني. اپوزيشن کي چيو هو ڊرافٽ تي پنهنجون تجويزون ڏيو. شهزاد وسيم چيو ته اپوزيشن طرفان اعتراض ڪيو ويو ته ڪميٽي ۾ وزيراعظم ناهي. ان لاءِ اچڻ مناسب ناهي سمجهيو. نيشنل سيڪيورٽي بريفنگ ۾ به وزيراعظم نه هو پر اتي هي سڀ ڀڄندا آيا. جڏهن چونڊون ويجهو اينديون آهن ته وفاداريون تبديل ٿينديون آهن. هن چيو ته 55 ارب روپين جو قرض اسان جي مٿان آهي. 55 ارب مان 29 ارب جو قرض ادا ڪري ڇڏيو آهي. 12 ارب هلندڙ سال 12 ارب ايندڙ سال واپس ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *