نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽر روز ٽيلر عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربي ڪار بيٽسمين روز ٽيلر عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.روز ٽيلر سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو ته اهو فيصلو آسان نه هو پر منهنجو خيال آهي ته هاڻ رٽائرمينٽ جو وقت اچي ويو آهي.هن ٻڌايو ته مان موجوده سيزن کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي ويندس.ڪيوي بيٽر موجب بنگلاديش خلاف 2 ٽيسٽ ميچون، آسٽريليا ۽ نيڌرلينڊ خلاف ون ڊي سيريز عالمي ڪريئر جون آخري سيريز هونديون.واضح رهي ته روز ٽيلر 17 ورهين جي عالمي ڪيريئر ۾ ڪيترائي اعزاز پنهنجي نالي ڪيا، هو نيوزيلينڊ طرفان سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ ۽ ون ڊي رنسون ٺاهيندڙ بيٽر آهي، گڏوگڏ نيوزيلينڊ طرفان سڀ کان وڌيڪ انٽرنيشنل رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ به ان وٽ موجود آهي.روز ٽيلر نيوزيلينڊ طرفان سڀ کان وڌيڪ انٽرنيشنل سينچريون ڪندڙ بيٽر پڻ آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *