ايل اين جي ريفرنس: شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو، ڏوهه مڃڻ کان انڪار

راولپنڊي (اين اين آءِ) ايل اين جي ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويوآهي. راولپنڊي احتساب عدالت جي جج اعظم خان شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل ۽ اڳوڻي ايم ڊي پي ايس او تي فرد جرم لاڳو ڪيو. شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل ۽ اڳوڻي ڊي پي ايس او شيخ عمران الحق صحت جرم کان انڪار ڪري ڇڏيو. شاهد خاقان عباسي کي فرد جرم لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ڪورٽ روم مان وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. احتساب عدالت جوابدارن آغا جان اختر ۽ عظميٰ عادل تي به فرد جرم لاڳو ڪيو پر ٻنهي جوابدارن به صحت جرم کان انڪار ڪري  ڇڏيو. عدالت جوابدار حسين دائون ۽ عبدالصمد دائون تي وڊيو لنڪ ذريعي فرد جرم لاڳو ڪيو، ٻنهي جوابدارن طرفان علي ظفر ايڊووڪيٽ احتساب عدالت ۾ موجود هو، انهن جوابدارن به صحت جرم کان انڪار ڪري ڇڏيو. عبدالله خاقان عباسي کي ڪورونا وائرس سبب گهر تي عدالتي اسٽاف ذريعي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، عبدالله خاقان عباسي به صحت جرم کان انڪار ڪيو. احتساب عدالت ايل اين جي ريفرنس ۾ گڏيل طور تي پنجن جوابدارن تي وڊيو لنڪ ذريعي فرد جرم لاڳو ڪيو، عدالت سڀني جوابدارن جي آڱوٺن جي نشانن ۽ صحيحين سان گڏ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر وٺڻ جي هدايت به ڪئي. احتساب عدالت جي ججد چيو ته رڳو هڪ جوابدار عامر نسيم جو انتظار ڪري رهيا آهيون، سندس اچڻ تي فرد جرم لاڳو ٿيندو. عدالت ايل جي ريفرنس ۾ 19 نومبر تي شاهديون طلب ڪري ورتيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *