ڪشمور واقعو: اي ايس آءِ محمد بخش لاءِ 20 لک انعام جو اعلان، تمغن جي سفارش

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي ۾ ڪشمور ٻارڙي زيادتي ڪيس جي هيرو پوليس آفيسر محمد بخش ٻرڙو ۽ سندس ڌيءِ جي اعزاز ۾ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ سنڌ حڪومت جو ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب به شريڪ ٿيو ان موقعي تي آءِ جي سنڌ، وقتي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز، سي پي ايل سي چيف ۽ قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ياسر  شاهه به موجود هو تقريب جي هيرو جي اچڻ لاءِ استقبال جون شاندار تياريون ڪيون ويون اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو ۽ ان جي گهرڀاتين کي بگهي ۾ ويهاري سينٽرل پوليس آفيس آندو ويو حال ۾ اي ايس آءِ محمد بخش پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ ريڊ ڪارپٽ تي انٽري ڏني ان موقعي تي ڪراچي ۽ سنڌ رينج جا مختلف آفيسر به موجود هئا تقريب جي شروعات قومي ترابي سان ڪئي ويئي ان کان پوءِ محمد بخش ٻرڙو ۽ ان جي ڌيءَ جو اسٽيج تي شاندار استقبال ڪيو ويو بئريسٽر مرتضيٰ وهاب تقريب کي خطاب ۾ چيو ته اسان سڀني کي اٿي بيهي اي ايس آءِ ۽ ان جي ڌيءَ کي سلوٽ ڪرڻ گهرجي هن وڌيڪ چيو ته مون وٽ ان جي بهادري ۽ جرئت جي تعريف لاءِ لفظ ئي نه آهن سڀ کان وڌيڪ فخر جوڳي ڳالهه اها آهي جو اڄ به اي ايس آءِ محمد بخش ۽ ان جي ڌيءَ جي شڪل ۾ احساس زنده آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *