نوشهره، زيارت ڪاڪا صاحب روڊ تي مسافر گاڏي کاهي ۾ ڪري پئي، 2 عورتن سميت 9 ڄڻا فوت، 11 ڄڻا سخت زخمي

اسلام آباد (اين اين آءِ) نوشهره، زيارت ڪاڪا صاحب روڊ تي ٽريفڪ حادثي ۾ ٻن عورتن سميت 9 ڄڻا فوت جڏهن ته 11 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، حادثو تيز رفتاري سبب مسافر گاڏي اونهي کڏ ۾ ڪرڻ سبب پيش آيو حادثي ۾ زخمين کي قاضي حسين احمد ميڊيڪل ڪمپليڪس نوشهره منتقل ڪيو ويو سخت زخمين کي پشاور جي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو جنهن ۾ هڪ زخمي زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو. 1112 ۽ ٻين ادارن سميت مقامي ماڻهن امدادي ڪمن ۾ حصو ورتو. ڪوچ ڪاڪا صاحب کان نوشهره اچي رهي هئي ڪوچ ۾ 18 مسافر سوار هئا فلائنگ ڪوچ جڏهن ايران جي علائقي واري هنڌ وٽ پهتي ته موڙ ڪٽيندي بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري گاڏي اونهي کڏ ۾ وڃي ڪري جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا موت تي فوت جڏهن ته 11 ڄڻا زخمي ٿيا هئا گاڏي مڪمل تباهه ٿي ويئي زخمين ۽ فوتين کي گاڏين جا شيشا ٽوڙي ٻاهر ڪڍيو ويو. زخمين ۽ فوتين کي قاضي ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ ڊي ايڇ ڪيو نوشهره پهچايو ويو فوتين ۾ بختيار علي ولد بسم الله، سليمان ولد تاج علي شاهه، ياسر علي شاهه ولد شفيع الرحمان، ذوهيب علي شاهه ولد مڪرم شاهه، مسمات گلزار، گاڏي جو ڊرائيور عثمان ولد تاج محمد، مشتاق ولد سردار علي، بس نگاه زال سيد عالم، عذير ولد شمس الامين، پشاور ويندي رستي ۾ ڌم ڌڻي حوالي ڪيو جڏهن ته زخمين ۾ زين الله ولد نياز محمد، دائود ولد شوڪت، حارث ولد سيد عالم، اسماعيل ولد حمزه گل، عاصم ولد سيد باچا، عزيزالرحمان ولد شمس الرحمان مسمات سدابهار زال زين الله جڏهن ته ٽن زخمين جا نالا معلوم ناهن ٿي سگهيا ڇو ته کين مرڻين حالت ۾ نوشهره پشاور جي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *