ايل او سي تي ڀارتي درندگي جاري، 3 فوجي جوانن سميت 10 پاڪستاني شهيد، 7 ڀارتي فوجن کي ماريو ويو

اسلام آباد/راولپنڊي (اي پي پي/م.ڊ) ڀارتي فوج طرفان لائين آف ڪنٽرول تي بنا سبب فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 فوجي جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب ڪنٽرول لائين تي ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ ڪيپٽن تيمور، حوالدار مشتاق ۽ لانس نائيڪ غلام حسين شهيد ٿي ويا، جڏهن ته پاڪ فوج پڻ ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي 7 ڀارتي فوجين کي ماريو آهي. بيان موجب ايل او سي تي اڃا تائين فائرنگ جي ڏي وٺ جو سلسلو جاري آهي. ڀارتي فوج شهري آبادي تي حملا پئي ڪري، جڏهن ته پاڪ فوج رڳو ڀارتي پوسٽن کي نشانو بڻائي رهي آهي. واضح رهي ته اڄ صبح ڀارتي فوج وادي نيلم ۾ مسافر بس تي فائرنگ ۽ گولا باري ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 شهري شهيد ۽ ٻارن سميت ڪيترائي زخمي ٿيا هئا، جڏهن ته ايمبولينس کي پڻ نشانو بڻايو ويو هو. ٻئي طرف  ڀارتي فوج نيلم وادي ۾ لائن آف ڪنٽرول ويجهو سويلين مسافر بس ۽ ايمبولينس کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ بس ۾ سوار 7 مسافر اجل جو شڪار ۽ 7 زخمي ٿي پيا. گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب بس ۽ ايمبولينس کي لائن آف ڪنٽرول تي دڌنيال واري علائقي کي نشانو بڻايو ويو. اها ايمبولينس بس جي زخمي مسافرن جي طبي امداد 7 اجل جو شڪار ماڻهن جا مڙهه کڻي وڃڻ لاءِ اتي پهتي هئي. ڀارتي فوج مسلسل سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي جڏهن ته والاريل ڪشمير جي عوام تي بدترين ظلم ڪيا پيا وڃن. ايمبولينس کي نشانو بڻائي ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي بدترين مثال قائم ڪئي. ٻئي پاسي ڀارتي فوج شاهه ڪورٽ، جور، بٽل، ڪريلا، باغ، باگسر، هاٽ اسپرنگز سيڪٽرن ۾ لائن آف ڪنٽرول تي بنا جواز فائرنگ ۽ گولا باري ڪئي جن ۾ شهري آبادين کي نشانو بڻايو ويو. پاڪستاني فوج ڀارتي چوڪين کي هدف بنائي رهي آهي. جن سيڪٽرن ۾ ڀارتي فوج شهري آبادي کي هدف بڻائي رهي آهي اتي فائرنگ جي شديد ڏي وٺ جاري آهي. پاڪستان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس گهرائي ڀارتي فوج جي ڪنٽرول لائين تي بنا سبب فائرنگ جي نتيجي ۾ شهرين ۽ فوجين جي شهادت تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. رپورٽن موجب ڀارتي فوج اڄ صبح وادي نيلم ۾ مسافر بس کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ايل او سي تي فائرنگ ۾ 3 فوجي جوان پڻ شهيد ٿيا آهن. ان حوالي سان پرڏيهي وزارت ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي گهرائي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته ڀارتي فوج جنگبندي جي معاهدي تي عمل ڪري.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *