ڪراچي ۾ امن بگاڙڻ واريون ڪوششون ناڪام بڻايون ويون: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪستان جي دشمنن طرفان ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جا سمورا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا آهن، ڪراچي ۾ زندگي معمول موجب بحال ٿي چڪي آهي ۽ ڪاروباري سرگرميون عروج تي آهن، انهن حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، آفيسر ۽ جوان پيشور سرگرمين تي توجهه ڏين، سپاهگير جي بهترين روايت قائم رکي وڃي، آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف پنهنجي الوداعي دورن جي سلسلي ۾ اربع تي ڪراچي جو دورو ڪيو، جتي هن ڪراچي ڪو ۽ سنڌ رينجرز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪيو، آرمي چيف ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ جي سلسلي ۾ انهن جي غير معمولي ڪاميابين تي خراج تحسين پيش ڪيو، هن چيو ته ڪراچي ۾ زندگي معمول موجب بحال ٿي چڪي آهي، جنرل راحيل شريف چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي دشمن جا سمورا ارادا ناڪام بڻايا آهن، هن چيو ته بين الاقوامي سرحد جي نگراني تي سيڪيورٽي فورسز ساراهه جوڳي آهي، هن چيو ته آرمي ۽ رينجرز پاران خاص طور تي ڏورانهن علائقن ۽ سنڌ جي ٿر وارن علائقن ۾ آفتون ۽ بهتران صورتحال ۾ سماجي خدمتن تي خاص طور تي ساراهيو، ان کان اڳ آرمي چيف جي آمد تي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار ان جي آجيان ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *