اڻ اعلانيل ڀارتي جنگ وڌيڪ 12 جانيون ڳڙڪائي وئي

ڀارتي جارحيت جاري، مسافر بس ۽ ايمبولينس تي گولاباري، ايل او سي تي فائرنگ، 3 جوانن سوڌو 12 ڄڻا شهيد، جواب ۾ 7 ڀارتي فوجي مارجي ويا، جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارتي فوج سرحدن تي اڳرائين ۽ شهري آبادين تي حملن بعد مسافر بسن کي به نشانو بڻائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج پاران بـَٽل، ڪيريلا، شاهه ڪوٽ، باگسر، تته پاڻي ۽ باغ سيڪٽر تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ ڀارتي فوج مارٽر گولا فائر ڪري مقامي آبادي کي به نشانو بڻايو. وادي نيلم ۾ مسافر بس تي ڀارت جي راڪيٽ حملن ۽ فائرنگ ۾ 9 مسافر شهيد  ڪيترائي زخمي ٿي پيا، پاڪ فوج پاران ڀارتي اڳرائين جو ڀرپور جواب ڏنو ويو، جنهن ۾ 7 ڀارتي فوجي مارجي ويا. ڀارتي فوج جنگي جنون ۾ ايتري انڌي ٿي وئي آهي جو مقامي آبادي کانپوءِ مسافر بسن کي به نشانو بڻائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، وادي نيلم ۾ ڀارتي فوج مسافر بس تي فائرنگ ڪئي راڪيٽ سان حملو ڪري ڏنو. ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ ايس ايس پي نيلم پاران 9 ڄڻن جي شهادت جي تصديق ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حملي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. وادي نيلم ۾ ڀارتي فائرنگ بعد تعليمي ادارا پڻ بند ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته شهيدن جا لاش اباڻن علائقن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه ڀارتي فوج پاران لائين آف ڪنٽرول جي مختلف سيڪٽرز تي رهندڙ شهري آبادي تي مسلسل گوليباري ۽ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، ڪيريلا سيڪٽر تي قائم هڪ گهر تي گولو فائر ٿيڻ سبب هڪ ڄڻو شهيد ۽ پنج ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. ڀارتي فوج پاران فائر ڪيل 3 مارٽر گولا تعلقي هيڊڪوارٽر جي اسپتال تته پاڻي ويجهو ڪِريا، جنهن جي نتيجي ۾ طفيل شاهه نالي هڪ شخص زخمي ٿي  پيو. ڀارتي اڳرائين جو پاڪ فوج پاران منهن ٽوڙ جواب ڏنو پيو وڃي، پاڪ آرمي ڀارتي فوج جي مورچن کي نشانو بڻائي رهي آهي، جنهن ۾ دشمن جي وڏي جاني نقصان جا اطلاع پڻ سامهون آيا آهن، 7 ڀارتي فوجي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

ڀارت ڪجهه مهينن دوران 230 ڀيرا جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري چڪو آهي، ورڪنگ بائونڊري تي 38 ڀيرا معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، ڀارتي فوج پاران لائين آف ڪنٽرول تي مسلسل فائرنگ ۽ گوليباري سبب ڪيترائي بيگناهه شهيد ٿي چڪا آهن. پاڪستان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري واقعي تي سخت احتجاج ڪيو آهي ۽ احتجاجي خط ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي حوالي ڪيو ويو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت ايل او سي تي جنگبندي جي معاهدي جي پاسداري ڪري ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *