اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري ۽ گهر تي ڇاپي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي جمعي تي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري ۽ سندس گهرڀاتين سان نيب جي ٽيم پاران ڪيل اڻوندڙ ورتاءَ جي خلاف هڪ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو جنهن جو ساٿ جي ڊي اي، پاڪستا/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 37
ن تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم نه ڏنو، پ پ جي ميمبرن تقريرن ۾ نيب تي انتقامي ڪاررواين جو الزام مڙهيو ۽ اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ گهرڀاتين سان ٻڌڻي ۽ همدردي  جو اظهار ڪيو، جنهن وقت هي ٺهراءُ پيش ڪيو پئي ويو، جي ڊي اي جي پارلياماني ليڊر حسنين مرزا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت خلاف پنهنجو هڪ ٻيو قرارداد پيش ڪرڻ چاهي پيو، ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري ۽ سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪشمير جو مسئلو اسان سڀني لاءِ اهم آهي ۽ اسان سڀ ان معاملي تي گڏيل ٺهراءَ آڻڻ لاءِ تيار آهيون پر مخالف ڌر جي ميمبرن گوڙ شروع ڪري ڇڏيو، پهريان ايوان مان جي ڊي اي جا ميمبر هليا ويا جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ ميمبرن واڪ آئوٽ ڪيو، آغا سراج دراني جي معاملي تي پ پ جي ايم پي اي گهنور اسراڻ پيش ڪيو، ان ٺهراءَ تي تقرير ڪندي پ پ جي سليم بلوچ چيو ته پاڪستان جمهوري ۽ جمهوريت تي يقين رکندڙ ملڪ آهي، هن چيو ته معاملو رڳو اسپيڪر جو نه پر ايوان جي تقدس جو معاملو آهي، ايم ڪيو ايم جي ڪنور نويد جو چوڻ هو ته اسپيڪر هڪ خانداني شخص آهي، ساڻس ۽ سندس خاندان سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي ڏک آهي، ايم ڪيو ايم سان ته اهڙو رويو 22 آگسٽ کانپوءِ مسلسل جاري آهي، هن چيو ته اڄ پ پ جي دل کي تڪليف پهتي آهي ته اڄ ڳالهه ڪئي پئي وڃي پر اسان جا ماڻهو اڄ به گرفتار ٿي رهيا آهن، اسان جي ڪارڪنن تي ٿرڊ ڊگري تشدد ڪيو پيو وڃي، خواجه اظهار الحسن چيو ته اسان جا 140 ڪارڪن عدالت مان مٿانهان قتل ٿيا، ڪيترائي کنڀي گم ڪيا ويا، مان ليڊر آف دي اپوزيشن هيس مون کي به گرفتار ڪيو ويو هو، اسان کي سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي، فردوس شميم نقوي چيو ته اسان کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏئي هن ايوان ۾ سٺو مثال قائم ناهي ڪيو ويو، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري پيو ته ڪشمير اسان جي وجود جو حصو آهي، جنهن تي هر پاڪستاني وڙهندو، مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته جڏهن کان وڏو وزير مراد علي شاهه جو نالو جي آءِ ٽي ۾ آيو آهي اهو هر معاملي ۾ گرمي ڏيکاري ٿو، جنهن تي وڏي وزير چيو ته ڪشمير اسان لاءِ اهم آهي پر ڪشيمر جو معاملو گهٽ نه آهي، ڀٽي صاحب 90 هزار قيدي آزاد ڪرايا، بلاول ڀٽو ڪل ڀوشن کان وٺي ڪشمير جي معاملي تائين آواز اٿاريو آهي، ان موقعي تي حسنين مرزا چيو ته آغا سراج دراني ۽ سندس گهرڀاتين لاءِ اسان کي عزت آهي، آغا سراج دراني جي خاندان سان اهڙي رويي جي مزمت ڪريون ٿا پر رمشا وساڻ ۽ شيرين بروهي جي گهر جي چادر ۽ چوديواري پامال ڪئي وئي، اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر فهميده مرزا جي گهر جي چوديواري پائمال ڪئي وئي ان جي مزمت ٿيڻ گهرجي جنهن کانپوءِ ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت خلاف ايوان ۾ جي ڊي اي، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم پاران ڌار ڌار پيش ڪيل ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.  سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آھي تھ ڇا مان دھشتگرد آھيان، منھنجي سر تي انعام رکيل ھو؟، نيب عملدارن بنا سرچ وارنٽ جي گھر تي ڇاپو ھڻي گھر ڀاتينجي تذليل ڪئي. آغا سراج دراني چيو ته منهنجي گهر ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪئي وئي، ڪو به غيرتمند ماڻھو اهو برداشت نه ڪندو، جهڙو ورتاءُ مون سان ٿيو آهي، ائين ته مشرف جي دور ۾ به نه ٿيو هو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جون گرفتاري ۽ گهر تي ڇاپي واري معاملي تي اکيون ڀرجي آيون. هن چيو ته ڇا مان دهشتگرد هئس، منهنجي سر تي 10 لک رپيا انعام رکيل هو؟، جو مون سان ۽ گهر ڀاتين سان اهڙو ورتاءُ ڪيو ويو؟ هن چيو ته مونکي بنا وارنٽ جي گرفتار ڪيو ويو، بندوق جي زور تي منهنجي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي صحيحون ورتيون ويون، اوهان جيڪي ڊاڪيومينٽ گهريا مون سڀ جمع ڪرايا. آغا سراج دراني چيو ته مان فرار ٿيو آهيان نه ئي جاچ ۾ سهڪار کان انڪار ڪيو آهي پوءِ به منهنجو گهر سيل ڪري گهر ڀاتين توڙي نوڪرن کي لاڪپ ڪري سندن تذليل ڪئي وئي. هن چيو ته گهرن ۾ گهڙڻ واري روايت صحيح ناهي، مونکي گرفتار ڪري گهر ڀاتين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو ويو. اسپيڪر آغا سراج دراني وڏي وزير سان مخاطب ٿيندي چيو ته مراد علي شاهه صاحب!، منهنجي ڪٽنب سان ظلم ٿيو آهي، جاچ ڪرايو ته ڪهڙا آفيسر هئا، جن منهنجي ٻارن کي گار گند ڪئي، مون کي انصاف کپي. هن چيو ته اسان ڪنهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، سوليءَ چڙهڻ لاءِ تيار آهيان، بمن کان نه گھٻرايو، هيءَ ڪاررواين ذريعي حوصلا ڪيئن ڪمزور ڪري سگهن ٿا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *