ڀارت بنا سوچ ويچار جي پاڪستان تي الزام لڳايو، جنگ نٿا چاهيون، پنهنجي دفاع لاءِ تيار آهيون: پاڪ فوج

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور باجوه چيو آهي ته ڀارت هميشه پاڪستان جي خلاف سازشون ۽ دهشتگردي /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 34

ڪئي جڏهن ته پلواما واقعي ۾ قابض ڀاتي فوج  کي ڪشمري نوجوانن نشانو بڻايو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ڊي جي ميجر جنرل آصف غفور پريس بريفنگ دوران چيو ته 14 فيبروري تي پلواما ۾ قابض ڀارتي فوج کي ڪشميري نوجوان نشانو بڻايو ۽ جيئن ٿيندو آهي ته واقعي جي فوري بعد پاڪستان جي مٿان ڀارت بنا سوچڻ، بنا ڪنهن ثبوت جي الزامن جو مينهن وسائي ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان هن ڀيري جواب ڏيڻ لاءِ ٿورو وقت ورتو آهي، وقت ان جو جيڪي الزام لڳايا ويا هئا انهن جي پنهنجي تحت تحقيق ڪئي هئي ۽ پوءِ وزير اعظم جواب ڏنو هو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اسان ففٿ جنريشن جنگ جي خطري ۾ آهيو ۽ ان جو هدف نوجوان نسل آهي، پاڪستان يج 64 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي ته آئون ٿورڙو حوالو ڏيان ته نوجوان نسل سمجهي ڇڏي ته ڪيئن ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي. هن چيو ته اسان جي 72 سالن جي تاريخ آهي، 1947ع ۾ هندوستان جي ورڇ ٿي ۽ پاڪستان آزاد ٿيو، ان حقيقت کي ڀارت اڄ تائين قبول ناهي ڪري سگهيو، 1947ع آڪٽوبر ۾ ڀارت ڪشمير تي حملو ڪيو ۽ 72 سالن کان والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين تي ظلم جاري آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته 1965ع ۾ لائن آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ ٿي ۽ ڀارت ان کي عالمي بارڊر تي وٺي آيو ۽ اُتان هن کي شڪست ملي، اسان وٽ وسيلا ۽ فوج گهٽ هئي ته ان وقت اسان جو ملڪ جيڪو ترقي جي رستي تي روان دوان هو ان جنگ جا ان تي اثر مرتب ٿيا، 1971ع ۾ اولهه پاڪستان سان جيڪو اسان زميني فاصلو هو ۽ جيڪي اُتان جا مسئلا هئا ان کي ڀارت استعمال ڪيو، ڪردار توهان جي سامهون آهي ۽ موجوده ڀارتي وزير اعظم جو بيان به توهان جي سامهون آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اصل دهشتگردي ڀارت تڏهن ڪئي جڏهن اُتي حالتون خراب ڪرايون ويون پر پاڪستاني قوم ان سانحي مان به سنڀلي، ان کان پوءِ 1971ع کان وٺي 1984ع تائين اهڙو عرصو هو جنهن ۾ اسان جي اوڀر سرحد تي ڪنهن قسم جي ڪارروائي جو واقعو نه ٿيو، حالتون پرسڪون هيون، ايل او سي جي ڀڃڪڙي ناه يٿي ۽ اسان هڪ طريقي سان ٻيهر مضبوطي ۽ ترقي جي رستي تي روان دوان هئاسين پر سياچن جو واقعو ٿيو. هن چيو ته هڪ اهڙو علائقو جتي پاڪستان جي فوج جي موجودگي نه هئي اُتي ڀارت اسان جي علائقي تي قبضو ڪيو ۽ ان وقت کان وٺي هن وقت تائين دنيا جي بلند ترين مقام تي پاڪستان جي فوج ڄميل آهي ۽ مقابلو ڪري رهي آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته انهيءَ دوران افغانستان ۾ سوويت يونين حملو ڪيو، جنهن بعد 1998ع ۾ اسان دفاع جي لاءِ جوهري طاقت حاصل ڪئي ڇو ته ان جي مدد سان ڀارت طرفان اسان تي روايتي جنگ مڙهڻ جا امڪان ختم ٿي وڃن ها. هن چيو ته جڏهن اِهي امڪان ختم ٿيا ته ڀارت غير روايتي حڪمت عملي اختيار ڪندي اسان جي ملڪ ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ شروع ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته 2001ع ۾ جڏهن عالمي سيڪيورٽي فورسز افغانستان ۾ طالبان جي خلاف آپريشن ڪيو ته ڀارت اوڀر سرحد تي ڀارت ڇڪتاڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ اسان جو ڌيان ان ڏانهن هليو ويو. آصف غفور چيو ته جيڪڏهن ان وقت ائين نه ٿيو هجي ها ته اسان بهتر پوزيشن ۾ هجون ها ۽ اولهه سرحد کان پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ دهشتگردن کي داخل نه ٿيڻ ڏيون ها ته اِها ايترين نه ڦهلجي ها جيتري ان جي نتيجي ۾ ڦهلي. هن چيو ته 2008ع ۾ جڏهن اسان دهشتگردي جي خلاف ڀرپور جنگ وڙهي رهيا هئاسين ته اسان کي ڪاميابون ملي رهيون هيون ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت پنهنجي فوج کي سرحد تي وٺي آيو جنهن جو مقصد اِهو هو ته ڀارت، دهشتگردي جي خلاف ڪاميابين کي روڪڻ چاهي ٿو جنهن جو جيئرو ثبوت ڪلڀوشن جي صورت ۾ اسان وٽ موجود به آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته 1989-1988 ۾ ٻرطرفي ڳالهه ٻولهه جو آغاز ڪيو پاڪستان هميشه امن جي آڇ ڪئي، 2003ع ۾ ڊي جي ايم اوز جي وچ ۾ هاٽ لائن ڪئي ۽ لائن آف ڪنٽرول تي جنگ بندي جي لاءِ هڪ معاهدو ڪيو جنهن ۾ گذريل ٻن سالن ۾ ڀارت تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀڃڪڙي ڪئي. هن چيو ته ان کان سواءِ لائن آف ڪنٽرول تي اسان 5 ڪراسنگ پوائنٽ به قائم ڪيا. آصف غفور چيو ته 2004ع کان 2008ع تائين 5 ڀيرا ڳالهيون جي لاءِ ويهڪ به ٿي پر ان مرحلي کي به ممبئي حملي جهڙي واقعي سبب ڀارت ختم ڪري ڇڏيو. هن چيو ته جڏهن به پاڪستان ۾ ڪو اهم ايونٽ ٿيو، پاڪستان جي مضبوطي ۾ بهتري اچي رهي هجي ته ڀارت يا والاريل ڪشمير ۾ ڪو نه ڪو اهڙو حادثو پيش ايندو آهي. ترجمان آصف غفور چيو ته ڊسمبر 2001ع ۾ ڀارتي پارليامينٽ تي حملو ٿيو ان وقت اُتي 2002ع ۾ عام چونڊون ۽ صدارتي چونڊون ٿيڻيون هيون ۽ اِهو ئي وقت هو جڏهن 9/11 کان پوءِ پاڪستان اولهه سرحد کان دهشتگردي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 8 ايونٽ هلي رهيا هئا ۽ وزير اعظم چيو ته اهڙي وقت ۾ پاڪستان کي پلواما حملي جو ڪهڙو فائدو پر ان مان ته پاڪستان کي نقصان آهي. آصف غفور چيو ته ڀارت جي ڪوشش آهي ته پاڪستان کي سفاريت محاذ تي اڪيلو ڪيو وڃي پر توهان ڏسي رهيا آهيو ته ڪهڙي طرح سفارتي ماڻهو ۽ سيڙپڪاري پاڪستان ۾ اچي رهي آهي ۽ پاڪستان ايئر فورس ۽ پاڪ نيول جي مشقن ۾ پرڏيهي فوج به حصو ورتو. هن چيو ته پلواما حملي بعد جيڪا ويڊيو جاري ڪئي وئي آهي ان جو جيڪڏهن ٽيڪنيڪي جائزو وٺون ته اُهو به توهان کي گهڻا ثبوت ڏيندو ته هو ڪيئن ٿيو آهي. پاڪستان طرفان رد عمل جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان تبديل ٿي رهيو آهي، هڪ نئين سوچ اچي رهي آهي، اسان ڪيتريون ئي قربانيون ڏئي هي مقام حاصل ڪيو آهي، هاڻ اسان ۾ صبر اچي رهيو آهي، اسان افغانستان ۾ موجود فورسز کي القاعده جي خلاف ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏني.  آصف غفور چيو ته اسان غلطيون ڪيون ۽ انهن مان سکيو به پر هاڻ غلطي جي گنجائش ناهي، پلواما واقعي تي وزير اعظم جيڪا آڇ ڪئي اُها پهرين ڪڏهن به نه ڪئي هئي جڏهن به اسان ڳالهين جي ڳالهه ڪندا هئاسين ته ڀارت چوندو هو ته دهشتگردي تي ڳالهيون ڪيو ۽ وزير اعظم اِها به آڇ ڪئي ته اسان ان تي به ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اسان گذريل ڪالهه واري فوج ناهيون، اسان جي ٽنهي سپهه سالارن کان وٺي سپاهي پنهنجي هٿ سان جنگ وڙهي آهي، ڀارت هڪ خطرو آهي ۽ ان کي جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. ڊي جي آءِ ايس پي ر جو چوڻ حو ته اسان جنگ جي تياري ناهيون ڪري رهيا پر دفاع ڪرڻ اسان جو حق آهي ڇو ته جنگ ۽ بدلي جون ڌمڪيون ڀارت طرفان پيون اچن. ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته ڀارت جيڪو رستو اختيار ڪيو ته حملي ٿيندي ئي بنا ثبوت جي پاڪستان تي الزام هنيا، ٽماٽا بند ڪري ڇڏي، پسنديده ملڪ جو درجو واپس وٺي ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان ان معاملي تي جاچ ۽ ڳالهين جي آڇ ڪئي، خطي جي معاملي خاص طور تي ڪشمير تي ڳالهيون ڪرڻ جي آڇ ڪئي، ڀارت کي سوچڻ جي ضرورت آهي ته ڇو ڪشميري ان حد تائين پهچي ويا آهن. هن چيو ته اسان 21هين صدي ۾ آهيون اسان جي خطري ۾ ڪيترائي چيلينج آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام کي زندگي بهتر گذارڻ جو حق حاصل آهي نه جنگ ته جنهن جي ڀارت ڳالهه ڪري رهيو آهي، توهان پنهنجي بيوقوفي جي ذريعي ايندڙ نسلن کان اِهو حق نه کسيو. آصف غفور جو چوڻ هو ته اڄ آپريشن رد الفساد کي 2 سال گذري ويا، ان آپريشن ۾ بنا فرق دهشتگردن جو خاتمو ڪيو ۽ ڪافي وڏي انگ ۾ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته توهان ڀارت کي ايران سان نٿا ملائي سگهو، ڀارت سان ساان جو 70 سال پراڻو معاملو آهي جڏهن ته ايران دوستاڻو اسلامي ڀائر ملڪ آهي. ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي قوم کي ان پاسي وٺي وڃڻو آهي جتي  هن کي تعليم، روزگار ۽ هر سهولت ملي. پريس بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته ايران ۾ ٿيل واقعي تي پاڪ ايران سرحد، اُتان جي قيادت ۽ سيڪيورٽي فورسز سان رابطا آهن ۽ سرحد جي صورتحال کي گڏجي بهتر ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *