ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب 5 معصوم ٻارڙا فوت، امڙ جي حالت نازڪ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب پنج ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته سندن امڙ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ايس پي گلشن طاهر نوراني موجب ڪوئٽا سان تعلق رکندڙ متاثر ڪٽنب صدر ۾ هڪ ريسٽورنٽ مان ماني کاڌي ۽ شروعاتي جاچ ۾ ٻارڙن جو موت فوڊ پوائزننگ لڳي ٿو. زهريلو کاڌو کائڻ سبب فوت ٿيل ٻارڙن جون عمرون ڏيڍ کان 9 ورهين جي وچ ۾ آهن، جڏهن ته سندن امڙ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. فوت ٿيل ٻارڙن ۾ ڏيڍ ورهين جو عبدالعلي، چئن و/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 20

رهين جو عزيز فيصل، 6 ورهين جي عاليه، ستن ورهين جو توحيد ۽ 9 ورهين جي صلومي شامل آهن. واقعي کانپوءِ پوليس ريسٽورنٽ جو ڪنٽرول سنڀالي کاڌا سيل ڪري ڇڏيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر ڪٽنب ڪراچي اچڻ کان اڳ خضدار ۾ به ماني کاڌي پر رات دير سان ٻارڙن ۽ سندن پڦي جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن بعد ستن ٻارڙن کي اسٽيڊيم روڊ تي قائم خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو.  ايس پي گلشن طاهر نوراني چيو ته شروعاتي جاچ ۾ واقعو زهريلي کاڌي جو لڳي ٿو پر واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه زهريلو کاڌو کائڻ سبب پنجن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو نوٽيس ورتو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي کان رپورٽ طلب ڪئي آهي  ٻئي طرف سنڌ فوڊ اٿارٽي مبينا طور فوڊ پوائزننگ سبب فوت ٿيل پنجن ٻارڙن جي شروعاتي رپورٽ وڏي وزير مراد علي شاهه کي پيش ڪري ڇڏي آهي. ڪراچيءَ ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌو کائڻ سبب پنجن ٻارڙن جي موتن کانپوءِ سنڌ فوڊ اٿارٽي سرگرم ٿي وئي آهي. سنڌ فوڊ اٿارٽي صدر ۾ قائم هوٽل جو دورو ڪيو جتي هنن ڪچن جو معائنو ڪرڻ بعد کاڌي جا نمونا قبضا ۾ ورتا.  فوڊ اٿارٽي جي اختيارين گيسٽ هائوس جو به دورو ڪيو جتي متاثر ڪٽنب ترسيل هو، اختيارين ڪمري ۾ کاڌل کاڌي جا نمونا به حاصل ڪيا. ڊي جي فوڊ اٿارٽي امجد لغاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ۽ هن وقت تائين 15 ماڻهن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڪچن ۾ ايگزاسٽ سسٽم ناهي، هوٽل ۾ جيڪي شيون ڏٺيون ويون آهن تنهن جي مينٽيننس به بهتر ناهي،  جڏهن ته هوٽل ۾ موجود ٻين ديگن ۾ پراڻي برياني پيل هئي جنهن جا نمونا حاصل ڪيا ويا آهن.  سنڌ فوڊ اٿارٽي مبينا صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌي سان پنج ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي شروعاتي رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هوٽل ۽ ڪمري مان مليل کاڌي جا نمونا حاصل ڪرڻ بعد ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويا آهن. فوڊ اٿارٽي جي رپورٽ موجب متاثر ڪٽنب ڪوئيٽا مان ڪراچي پهتو ۽ صدر جي هڪ گيسٽ هائوس ۾ ترسيا، جڏهن ته متاثر خاندان  ڪوئٽا کان ڪراچي سفر دوران خضدار ۽ حب ۾ کاڌو به کاڌو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته متاثر خاندان ڪراچي پهچڻ تي پارسل برياني حاصل ڪئي ۽ گيسٽ هائوس جي ڪمري ۾ کاڌي، برياني کائڻ بعد عورت الٽيون شروع ڪري ڇڏيون ۽ مڙس کيس اسپتال منتقل ڪيو.  رپورٽ موجب ٻئي زال مڙس صبح وقت واپس گيسٽ هائوس پهتا ته سندن پنج ٻارڙا هڪ عزيز جي ڪمري ۾ بيهوش پيل هئا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندن موت جي تصديق ڪئي وئي. ٻئي طرف وڏي وزير مراد علي شاهه ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ٻارڙن سان وڃي ملي ۽ جيڪڏهن واپس ڪوئٽا وڃن ٿا ته سندن واپسي جو بندوبست ڪيو وڃي.، هوڏانهن پ پ اڳواڻ شهلا رضا چيو آهي ته سنڌ فوڊ اٿارٽي ڪٿي ڪٿي وڃي، ماڻهن کي پاڻ به احتياط ضرورت آهي. ڪراچيءَ ۾ پنجن ٻارڙن جي موت تي رد عمل ظاهر ڪندي شهلا رضا چيو ته ٻارڙن جي موت جو واقعو افسوس جوڳو آهي. هن چيو ته فوڊ اٿارٽي ڪٿي ڪٿي وڃي، ماڻهن کي پاڻ کي به احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *