اسپيشل اولمپڪ گيمز ۾ شرڪت ڪرڻ بعد قومي جٿو ڪراچي  ۽ اسلام آباد پهچي ويو

ڪراچي/اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ منقعد ٿيل اسپيشل اولمپڪ گيمز ۾ شرڪت ڪرڻ بعد قومي جٿي ۾ شامل رانديگر ۽رانديگرياڻيون ڪراچي  ۽ اسلام آباد پهچي ويا، جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي 77 رڪني جٿي آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ منعقد ٿيل اسپيشل اولمپڪ گيمز جي 9 راندين ۾ شرڪت ڪئي. قومي ايٿليٽس اڄ لاس اينجلس کان ڪراچي ايئر پورٽ پهچي ويا،جتي سندن آڌرڀاءِ ڪرڻ لاءِ ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو. پاڪستان جي 77رڪني جٿي 9 راندين ۾ حصو ورتو. قومي اسپيشل ايٿليٽس مجموعي طور تي ميگا ايونٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندي 14 گولڊ، 11 چاندي ۽8 پتل جا ميڊلز حاصل ڪيا.  پاڪستان جي 77 رڪني جٿي جا ميمبر ٻن گروپس ۾ ڪراچي ۽ اسلام آباد ايئرپورٽ پهتا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *