سرفراز احمد ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ايندڙ ڪپتان آهي: وقار يونس

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد کي ٽيم مان ٻاهر ڪرڻ وارن الزامن هيٺ آيل ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته سرفراز احمد ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ايندڙ ڪپتان آهي. سرفراز احمد سري لنڪا خلاف ون ڊي سيريز ۾ اسان جو اهم رانديگر هو. مقامي اخبار کي انٽرويو ڏيندي پاڪسان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقار يونس جو چوڻ هو ته سرفراز احمد سان منهنجي ڪا ذاتي دشمني ناهي جو کيس ٽوئنٽي ٽوئنٽي ميچن مان ڊراپ ڪري ڇڏيان ها. هن چيو ته آئون ان کان اڳ محمد حفيظ ۽ ٻين سينئر رانديگرن کي به آرام ڪرائي چڪو آهيان، پر ان وقت ڪنهن به هُل نه ڪيو، اسان کي صورتحال جي نسبت سان فيصلا ڪرڻا پوندا آهن، اهو ئي ڪم اسان سري لنڪا ۾ به ڪيو. وقار يونس وڌيڪ چيو ته اسڪواڊ ۾ 2 وڪيٽ ڪيپر هجڻ جي ڪري مون پهريان ئي سرفراز کي گھرائي سمجھائي ڇڏيو هو ته ٽي_20 ۾ رضوان کي آزمائڻ چاهيون ٿا ۽ اُن اهو فيصلو دل سان قبول به ڪيو هو. وقار يونس سوال اٿاريو ته جيڪڏهن اسڪواڊ ۾ بيو وڪيٽ ڪيپر موجود آهي ته ڇا ان کي ڪو موقعو نه ملڻ گھرجي؟ هن چيو ته اسين ورلڊڪپ ٽي_ٽوئنٽي تائين اهڙا وڌيڪ تجربا ڪندا رهنداسين. انٽرويو دوران وقار يونس ڪرڪيٽ جي شوقينن ۽ اڳوڻن ڪرڪيٽرن کي به درخواست ڪئي ته اهي ننڍين ننڍين ڳالهين کي وڌائي پيش نه ڪن، گرين شرٽس ٽنهي فارميٽس ۾ آءِ لينڊرز کي ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو، جنهن تي اسان کي خوش ٿيڻ گھرجي. الزامن مان ڪجھه حاصل نه ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته ٻين ٽيمن ۾ به رانديگرن کي آرام جو موقعو ڏنو ويندو آهي، اتي ته ڪو به تڪرار نٿو اٿاريو وڃي، اسان به ان کي ڪرڪيٽنگ جو فيصلو سمجھڻ گھرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ وقار يونس چيو ته جيڪڏهن ڪرڪيٽ بورڊ مونکان سرفراز جي معاملي تي وضاحت گھري ته ضرور ٻڌائيندس ته ٽيم جي ضرورت موجب فيصلا ڪيا، ڪنهن سان ذاتي جهيڙو ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *