اسلام آباد ۾ جماعت اسلامي جي ميزباني هيٺ ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ فاٽا کي خيبرپختونخواهه ۾ شامل ڪرڻ بابت ٺهراءُ منظور

اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي پاران ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ فاٽا کي خيبرپختونخواهه جو حصو بڻائڻ بابت ٺهراءُ منظور  ڪيو ويو آهي، سياسي پارٽين فاٽا کي ڪي پي جي جي انتظام هيٺ آڻن لاءِ 22 هين آئيني ترميم جي حمايت جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ جماعت اسلامي پاران فاٽا ۾ سڌارن بابت آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ، جنهن ۾ سراج الحق، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، ن ليگ جي اقبال ظفر جهڳڙا، آفتاب شيرپائو، عوامي نيشنل پارٽي جـِي بشريٰ گوهر، آخونزاده چٽان، ايم ڪيو ايم جي بئريسٽر سيف ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته فاٽا ۾ سڌارن لاءِ آئيني ترميمون مڙهڻ بدران قابل قيادت ۽ عوام جي بل جي حمايت ڪيون ٿا. هن چيو ته هـُو هڪ ڪروڙ قابل عوام جي روشن مستقبل لاءِ روڊ ميپ ٺاهڻ چاهين ٿا، فاٽا جي عوام جي محبتن جو رخ پاڪستان طرف آهي. سراج الحق چيو ته افسوس آهي ته فاٽا جي عوام کي سندن آئيني حق هن وقت تائين ناهن ڏنا ويا، قبائلي عوام جي حقن لاءِ 22 هين ترميم جي حمايت ڪيون ٿا،  فاٽا مان ايف سي آر کي ختم ڪيو وڃي. اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته فاٽا ۾ سڌارن بابت موجوده بل ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، 22 هين آئيني ترميم جي بل تي سڀني کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ضرورت آهي. خورشيد شاهه چيو ته جيڪڏهن فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ شامل ڪيو وڃي ته پوءِ اين ايف سي تي به نظرثاني ٿيندي ۽ اسيمبلي جي سيٽن ۾ به تبديلي ايندي. اي پي سي ۾ سياسي پارٽين پاران فاٽا کي ڪي پي ڪي جي انتظام هيٺ آڻڻ بابت 22 هين ترميم جي حمايت ڪئي وئي، ان حوالي سان هڪ ٺهراءُ پڻ منظور ڪيو ويو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته فاٽا مان ايف سي آر جهڙو سامراجي نظام ختم ڪيو وڃي ۽ فاٽا جي عوام کي صوبائي اسيمبلي ۾ نمائندگي ڏني وڃي. ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جو اختيار به فاٽا تائين وڌايو وڃي، جڏهن ته فاٽا جي تباهه ٿيل انفرا اسٽرڪچر لاءِ 500 ارب رپين جي ترقياتي پئڪيج جو اعلان ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *