اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب جي مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي جا مڪمل نتيجا 3 نومبر تائين موڪلڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب جي مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي جا مڪمل نتيجا 3 نومبر تائين موڪلڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته چونڊ خرچ جمع ڪرائڻ کانپوءِ اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري پاران سنڌ ۽ پنجاب جي اليڪشن ڪمشنرز ۽ ٻنهي صوبن جي ريٽرننگ آفيسرز ڏانهن خط لکيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته مڪاني چونڊن جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي پر ريٽرننگ آفيسر ٽي نومبر تائين مڪمل نتيجا موڪلڻ جا پابند آهن. اليڪشن ڪميشن موجب، اميدوارن پاران چونڊ خرچ جا تفصيل جمع ڪرائڻ کانپوءِ ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن هڪ هفتي اندر جاري ڪيو ويندو. مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ سنڌ اندر پيپلزپارٽي ۽ پنجاب ۾ ن ليگ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، ٻي مرحلي لاءِ پولنگ 19 نومبر تي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *