ڌي جي ڪري فلم دل والي جو حصو بڻيس: اداڪاره ڪاجول

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اسٽائلش اداڪاره ڪاجول چيو آهي ته انڊسٽري ۾ واپسي جو سبب ڌيءَ آهي ڇو ته ڌيءَ جي چوڻ تي فلم دل والي جو حصو بڻيس، بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ ۽ ڪاجول جي جوڙي انڊسٽري جي سڀ کان ڪامياب جوڙي آهي، جڏهن ته هن جوڙي ڪيترن بلاڪ بسٽر فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن جن ۾ دل والي دلهنيا لي جائينگي، ڪچهه ڪچهه هوتا هي، ڪڀي خوشي ڪڀي غم ۽ ماءِ نيم از خان شامل آهن، جڏهن ته هي جوڙي هڪ ڀيرو ٻيهر ڊگهي عرصي کانپوءِ فلمساز روهيٽ سيٽي جي فلم ۾ دل واري ۾ جوهر ڏيکاريندي، جنهن کي رليز کان اڳ بلاڪ بسٽر قرار ڏنو پيو وڃي، واضح رهي ته شاهه رخ ۽ ڪاجول جي فلم دل والي 18 ڊسمبر تي رليز ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *