اسان جي پاليسين جو محور عوام آهي، خطي ۾ امن تي توجهه آهي، پاڪستان هڪ اڀرندڙ معيشت آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي دولت مشترڪه جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان جي پاليسين جو محور عوام آهي، خطي ۾ امن تي توجهه آهي، پاڪستان هڪ اڀرندڙ معيشت آهي جنهن ۾ 65 سيڪڙو آبادي نوجوان آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي دولت مشترڪه جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته دولت مشترڪه اجلاس تي انتظاميا کي وڌايون پيش ڪيان ٿو. اميد آهي ته ڪامن ويلٿ فورم کي وڌيڪ بهتر ۽ نتيجا ڏيندڙ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزير چيو ته سال 2018ع جي طئي ٿيل هدفن تي پاڪستان جي جي قدمن کان آگاهه ڪندس، رڪنيت بحالي تي پاڪستان هاڪاري ۽ جٽادار قدم کنيا آهن. هن چيو ته جولائي 2018ع ۾ پاڪستان ۾ ٽئين عام چونڊ ٿي، سول حڪومت ٻي چونڊيل حڪومت کي اقتدار منتقل ڪيو. يورپين يونين ۽ ڪامن ويلٿ مانيٽرز چونڊن کي شفاف قرار ڏنو، عورتن جي نمائندگي سول سروس، قانون ۽ ٻين شعبن ۾ وڌي. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته 11 آگسٽ تي اقليتن جو ڏينهن خاص طور ملهايو ويندو آهي، پاڪستان 27 لک افغان مهاجرن کي پناهه ڏئي رهيو آهي، واضح ڪيان ٿو ته پاڪستان رڳو قانوني لڏپلاڻ جو حامي آهي. وڌندڙ ڊرآمدي حوصلا شڪني واري ماحول ۾ يقين رکون ٿا.  اسان جي پاليسين جو محور عوام آهي، خطي ۾ امن تي توجهه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *