حڪومت مون کي هر قيمت تي گرفتار يا نظربند ڪرڻ چاهي ٿي: مريم نواز

لاهور(اين اين آءِ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته حڪمران مون کي هر قيمت تي گرفتار يا نظر بند ڪرڻ چاهين ٿا پر مسئلو اهو آهي ته منهنجي خلاف ڪجهه آهي ئي نه تنهنڪري ويچارن کي ڪو ڪوڙو ڪيس جنهن ۾ مون کي هڪ دفعو سزا ٿي چڪي ۽ جنهن کي هاءِ ڪورٽ معطل ڪري چڪي ٻيهر کولڻو پيو هي قدم ڇو ته غيرقانوني ۽ کل جوڳا آهن تنهن ڪري هلندو نه ۽ مان پيش نه ٿي هڪ ته کين گرفتاري پليٽ ۾ رکي انهن جو مقصد پورو نه ٿيڻ چاهيان ٿي ٻيو عدالت ۾ ناقابل ترديد حقيقتون آڏو رکڻ ۽ سليڪٽيڊ جي هٿيار نيب جي غلط ڪمن کي عوام آڏو آڻڻ جو موقعو وڄائڻ نه ٿي چاهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *