آءِ ايم ايف کان پاڪستان کي قرض جي پهرين قسط ملي وئي: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف ) 6 ارب ڊالر جي معاشي پئڪج تحت پاڪستان کي 99 ڪروڙ 10 لک ڊالرن جي پهرين قسط فراهم ڪري ڇڏي آهي. آءِ ايم ايف طرفان 6 ارب ڊالرن جي معاشي پئڪج مان هڪ ارب ڊالر فوري طور تي پاڪستان کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن تحت پاڪستان کي پهرين قسط فراهم ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب آءِ ايم ايف طرفان 99 ڪروڙ 10 ڊالرن جي پهرين قسط جاري ڪئي وئي آهي جنهن سان ملڪي مٽاسٽا وارا ذخيرا 15 ارب 4 ڪروڙ 31 لک ڊالرن جا ٿي ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *