اتر وزيرستان ۾ جنيد عباس شهيد شهادت ماڻي ۽ ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اتر وزرستان ۾ جنيد عباس شهيد شهادت ماڻي ۽ ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو سموري قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ غازين تي فخر آهي 1965 جي شهيدن کي سلام پيش ڪيان ٿو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪئپٽمن شهيد جنيد جي گهرڀارتين سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان ڪئپٽن شهيد جنيد عباسي جي گهر سندس گهرڀاتين سان مليس هن چيو ته اچڻ جو مقصد فخر جوڳي پٽ کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ هو هن چيو ته هن پٽ هن ڌرتي ۽ ڌرتي جي بقا لاءِ شهادت ماڻي هن چيو ته 22 سيپٽمبر تي 11 محرم واري ڏينهن کيس اطلاع مليو ته دهشتگردن جو ٽولو اچي رهيو آهي ان ان ٽولي کي ختم ڪيو ۽ پنهنجن جوانن کي ليڊ ڪري رهيو هو هن چيو ته سندس ڀائٽو معاذ چئي رهيو آهي ته هو فوج ۾ ويندو ۽ پنهنجي چاچي جو بدلو وٺندو. هن چيو ته جنيد شهيد جو پيءُ به هوائي فوج ۾ خدمتون نڀائي چڪو آهي هن چيو ته هي اهو طبقو آهي جنهن پاڪستان کي پاڪستان بڻايو آهي هن چيو ته وزيراعظم جي حڪم تي سموري قوم جو فرض آهي ته اهي شهيدن جي گهر وڃن ۽ سندن قربانين تي سلام پيش ڪن. مخدوم شاهه محمود قريسي چيو ته والاريل ڪشمير جي شهيدن کي به سلام پيش ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪي 33 ڏينهن کان پنهنجن گهرن ۾ قيد آهن هن چيو ته الله تعاليٰ اهڙن گهراڻن کي پنهنجي پناهه ۾ رکي ۽ پاڪستان کي هميشه لاءِ قائم ۽ دائم رکي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *